بوزدار وڏا: شهر ۽ پرپاسي ۾ منشيات جي ورڪري خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

بوزدار وڏا(رپورٽ شفيق احمد بوزدار) بوزدار وڏا شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن اندر منشيات جي وڪري ۽ واهپي خلاف پريس ڪلب ۽ سول سوسائٽي بوزدار وڏا ۽ پنهيار سوشل فورم جي ڪارڪنن اڳواڻن جي گڏيل سهڪار سان پريس ڪلب بوزدار وڏا کان خانواھ پل تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ منشيات جي سرعام وڪري خلاف زوردار نعرا هنيا ويا ان موقعي تي اسٽيپ فائونڊيشن جي چيئرپرسن شائستا کوسو ۽ خيرپور جي سينيئر صحافي زوار راجا رفيق بوزدار مرڪزي ناڪا چوڪ تي خطاب ڪندي چيو ته بوزدار وڏا شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ منشيات جي وڪري ۾ تمام گهڻو اضافو اچي ويو آهي جنهن ڪري نوجوان نسل منشيات واپرائڻ سبب پنهنجي زندگي تباھ ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس منشيات جو وڪرو بند ڪرائڻ بجاء رشوت عيوض منشيات هلائيندڙن جي سرپرست بڻيل آهي ۽ ڪابه ڪاروائي ڪرڻ لاء تيار ناهي نشي جي واهپي سبب ڪيترائي نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن هنن وڌيڪ چتاء ڏنو ته جلد علائقي مان منشيات جو وڪرو بند نه ڪرايو ويو ۽ اڏا ختم نه ڪرايا ويا ته وڌيڪ احتجاج جو دائرو وڌائي ايس ايس پي خيرپور جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو

Read Previous

ٺري ميرواهه: الاهي بخش سومرو ۾ سومرا برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن

Read Next

نيب چيئرمين مولانا فضل الرحمان جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

Most Popular