ٺري ميرواهه: الاهي بخش سومرو ۾ سومرا برادري پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن

ٺري ميرواهه:  تارڪو وڏو لڳ ڳوٺ الاھي بخش سومرو ۾ سڱاوتي چڪر تي بلا جواز ميرواھ ٿاڻي اين سي داخل ٿيڻ خلاف سومرا برادري جي ماڻھن محمد بخش سومرو،اشفاق احمد سومرو، غلام حيدر سومرو، محمد وارث سومرو،محبت خان سومرو احتجاج ڪندي محمد بخش سومرو چيو ته اسان جي پاڻ ۾ سڱاوتي ڏي وٺ ڪئي آهي جنھن تي شھزادي ۽ شھزادو اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي ميرواھ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪئي آھي جڏھن ته شھزادي کان مون پنھنجي پٽ جي لاءِ نياڻي ورتي آهي جنھن جي عمر چار سال آھي ۽ منھنجي پٽ جي عمر 3 سال آھي جنھن جي بدلي ۾ مون شھزادي کي پنھنجيون ٻہ نياڻيون عيوض ۾ ڏنيون آهن انھن جي عمر اٽڪل 4 ۽ 5 سال ٿيندي  ، شھزاديءَ سومرو پنھنجي ڌيءَ سان گڏ اسان جي گھر آئي ۽ اسان سان جھيڙو ڪري وئي آهي وري اسان مٿان ڪوڙا الزام مڙھي ميرواھ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪرائي آھي اسان اعلي حڪام آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر، ايس ايس پي خيرپور کي پرزور اپيل ٿا ڪريون ته شھزادي اسان مٿان ڪوڙا الزام مڙھيا آھن انھن ۾ ڪابہ صداقت ناهي انڪوائري ڪري اسان مٿان ميرواھ ٿاڻي تي رپورٽ درج ڪئي وئي آهي جنھن کي بي بنياد سمجھي خارج ڪئي وڃي اسان کي ان عورت مان خطرو آهي اسان سان انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

جيڪب آباد : آزاد ميڊيا پريس ڪلب جي نئي ڪميٽي جوڙي وئي

Read Next

بوزدار وڏا: شهر ۽ پرپاسي ۾ منشيات جي ورڪري خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

Most Popular