نيب چيئرمين مولانا فضل الرحمان جي خلاف جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن  واري جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيب خيبرپختونخواهه طرفان ڪجهه ڪيس پيش ڪيا ويا. نيب چيئرمين مولانا فضل الرحمان جي خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ بابت ڪيس جي جاچ جي منظوري ڏني. ان کان علاوه ڪيپٽن(ر)  صفدر امير مقام ۽ شير اعظم جي خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کان علاوه نيب اجلاس ۾ مالم جبه ڪيس جي حوالي سان پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به ميڊيا تي اهڙي قسم جا اطلاع آيا  هئا ته نيب مولانا فضل الرحمان جي خلاف جاچ جي منظوري ڏني آهي پر ان کان  پوءِ نيب اب خبر جي ترديد ڪندي چيو آهي ته نيب فضل الرحمان جي خلاف جاچ  جو به بيان جاري ناهي ڪيو. ان حوالي سان جي يو آءِ اسلام(ف) جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان کي گرفتار ڪيو ويو ته اسان جي تحريڪ کان پوءِ حڪومت پاڻ هن کي آزاد ڪرڻ جي منظوري ڏيندي.

Read Previous

بوزدار وڏا: شهر ۽ پرپاسي ۾ منشيات جي ورڪري خلاف سول سوسائٽي جو احتجاج

Read Next

غداري جا ڪيس اسان جي لاءِ ميڊلز آهن، حڪومت پنهنجو آخري ڪارڊ کيڏي ورتو: عظميٰ بخاري

Most Popular