عائشه عمر جي تڪراري تصوير سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل

ڪراچي: :پاڪستاني اداڪاره عائشه عمر انسٽاگرام تي پنهنجي هڪ تڪراري تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن کان پوءِ هو سوشل ميڊيا صارفين اداڪاره تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.  مشهور ڊرامه سيريل(بلبلي) جي اداڪاره عائشه عمر اڪثر پنهنجي ڪپڙن ۽ بيانن جي ڪري خبرن جي زينت بڻجندي رهندي آهي پر هن ڀيري ان طرفان انسٽاگرام جي اسٽوري ۾ تڪراري تصوير شيئر ڪئي وئي جنهن ۾ هن کي ساڙهي پاتل آهي. پر ان نامناسب تصوير تي سوشل ميڊيا صارفين اداڪاره مٿان سخت تنقيد ڪئي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا صارفين سيده شفقت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن ڪپڙن تي مڪمل پابندي هجڻ گهرجي جيڪي اسان جي ثقافت جو حصو ئي نه آهن هي ماڻهو اهڙي طرح جا ڪپڙا پائي ميڊيا تي اسلامي جمهوريه پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيا آهن.  منتشي نالي صارف لباس تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ اسلامي ملڪ آهي. آسٽريليا، آمريڪا يا لنڊن نه آهي، اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، ڪو لحاظ ڪريو.  اوهان کي هڪ ڏينهن مٽيءَ ۾ ئي وڃڻو آهي ته ڪهڙو فائدو اهڙي فيشن جو جيڪو آخرت خراب ڪري ڇڏي.  هڪ ٻئي صارف ڪنول احمد چيو ته خوبصورتي جو  اهو مطلب نه آهي ته اوهان پاڻ کي ظاهر ڪريو، پر عائشه عمر هميشه اهڙا ڪپڙا پائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي جنهن ۾ جسم ظاهر ٿئي پر ان کي خوبصورتي نه چيو ويندو آهي.

Read Previous

سرفراز کي هٽائڻ جو فيصلو بورڊ چيئرمين جو هو: مصباح الحق

Read Next

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پيرا ملٽري فورس تي حملي سبب ٻه اهلڪار مارجي ويا

Most Popular