والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پيرا ملٽري فورس تي حملي سبب ٻه اهلڪار مارجي ويا

سرينگر: :ڪشمير ۾ سينٽرل ريزرو پوليس فورس جي قافلي تي حملي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي پلوامه ۾ ڪنڊي جهيل پل جو افتتاح ٿيڻو هو. تقريب جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل سينٽرل ريزرو فورس جي گاڏين تي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 2 اهلڪار مارجي ويا ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ادارن مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن کي ويجهي ملٽري اسپتال منتقل ڪيو جتي هڪ اهلڪار جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن اهلڪارن جي سڃاڻپ ظاهر ناهي ڪئي وئي.   حملي کان پوءِ ڀارتي فوج ۽ ڪشميري پوليس اچڻ وارن رستن کي  بند ڪري گهر گهر تلاشي جو عمل شروع ڪري ڏنو آهي پر اڃان تائين ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي. حملي کان پوءِ افتتاحي تقريب کي ملتوي ڪيو ويو آهي.

Read Previous

عائشه عمر جي تڪراري تصوير سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل

Read Next

"قدرتي وسيلا ۽ انساني سماج”

Most Popular