سرفراز کي هٽائڻ جو فيصلو بورڊ چيئرمين جو هو: مصباح الحق

ڪراچي: :پاڪستاني ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق، سرفراز احمد کي ڪپتاني تان هٽائڻ جي فيصلي تي لاڳيتو وضاحتون پيش ڪرڻ ۾ مصروف آهي. مصباح الحق  کي ٻٽيون ذميواريون ملڻ کان پوءِ  اڳ ئي هوم سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم کي سريلنڪا جي بي ٽيم جي هٿان ٽوئنٽي 20 سيريز ۾ وائٽ واش شڪست ٿي وئي هئي. جنهن کان پوءِ حيران ڪن طور تي سرفراز کي ڪپتاني تان هٽايو ويو هو. هڪ انٽرويو ۾ ان باري ۾ سوال تي مصباح الحق چيو ته مون وٽ ڪپتان کي فارغ ڪرڻ يا مقرر ڪرڻ جو اختيار ئي نه آهي. ائين صرف ڪرڪيٽ بورڊ جو  چيئرمين  ئي ڪري سگهي ٿو.  ان ئي حتمي فيصلو ڪيو هو. اهو درست آهي ته ان حوالي سان اسان جي راءِ معلوم ڪئي وئي هئي جيڪا عوام کي ٻڌائڻ جهڙي نه آهي.

Read Previous

مون کي ڪجهه به ٿيو ته عمران خان ۽ شهزاد اڪبر جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائيندس: شهباز شريف

Read Next

عائشه عمر جي تڪراري تصوير سامهون اچڻ تي سوشل ميڊيا صارفين ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل

Most Popular