"قدرتي وسيلا ۽ انساني سماج”


محمد اسماعيل توحيدي
ھن ڪائنات ۾ الله پاڪ جي خلقيل مخلوق ٽن قسمن تي مشتمل آهي، 1: جمادات، جمادات مان مراد غير جاندار مخلوق آھي، جيئن ستارا، سيارا، سج، چنڊ ۽ زمين وغيره، 2: نباتات، نباتات مان مراد اھا جاندار مخلوق آھي جيڪا وڌڻ ويجھڻ جي صلاحيت تہ رکي ٿي پر ان ۾ چرپر جي صلاحيت ناهي جو ھڪڙي جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پھچي سگھي، جيئن وڻ ۽ ٻوٽا وغيره، 3: حيوانات، حيوانات مان مراد جاندار مخلوق آھي، جيئن انسان، پکي، جانور ۽ ڪيڙا ماڪوڙا وغيره، انسان جو تعلق مخلوق جي ٽين قسم سان آھي، انسان کي جياپي لاءِ پاڻي ۽ خوراڪ جي ضرورت هوندي آهي، ان ڪري ھن ڌرتيءَ تي انسان ذات جي جياپي ۽ ٻين ضرورتن جي پورائي لاءِ اڻ ڳڻيا وسيلا موجود آهن، ھوا، باھ ۽ پاڻيءَ کان سواءِ ٻيا به ڪيترائي وسيلا موجود آهن جن ذريعي انسان جياپي سان گڏوگڏ ھڪ پرسڪون زندگي بہ گذاري سگھي ٿو، ھن ڌرتيءَ تي ٻن قسمن جا قدرتي وسيلا وڏي پيماني تي لڀن ٿا، 1: زرعي پيداوار، 2: معدني ذخيرا، انسان جو جياپو زراعت تي آهي، ڇو ته اناج، ڀاڄين ۽ ميوون جو تعلق زراعت سان آھي، اھي سڀ شيون زرعي پيداوار ۾ شامل آھن، جڏهن ته معدني ذخيرن ذريعي جياپي کي شاندار بڻائڻ لاءِ رستو هموار ٿئي ٿو، ماڻھو معدني ذخيرن مان مختلف شيون تيار ڪري انھيءَ ذريعي شاندار زندگي گذارن ٿا، جيئن آڳاٽي زماني ۾ ماڻھو اٺن، گھوڙن، خچرن ۽ گڏھن تي سوار ٿي منزل تي پهچڻ جي ڪوشش ڪندا ھيا ته ھن جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ڪار گاڏين، بسن، ريل گاڏين ۽ ھوائي جھازن تي پرسڪون سفر ڪري منزل تي پھچن ٿا،
.
اسلامي تعليمات مطابق قدرتي وسيلن منجهان ھر انسان برابريءَ جي بنياد تي فائدو وٺڻ جو حق رکي ٿو، وسيلن کي حاصل ڪرڻ لاءِ محنت ۽ جفاڪشي اختيار ڪرڻي پوندي آھي، دنيا عالم اسباب آھي، ڪيڏو به پھتل انسان ھجي ان کي اٽي، لٽي ۽ اجھي جي ضرورت رھندي آھي، ولي الله ھجي يا خدا جو منڪر؟ ٻنھي کي انھن شين جي ھڪ جيتري ضرورت پوندي آهي، رياستي ڍانچي ۾ رياست ۾ وسندڙ سڀئي وسنديون ۽ وسندين ۾ وسندڙ سڀئي انسان برابر حق رکن ٿا، وسيلا جيڪڏهن رياست جي قبضي هيٺ آھن ته پوءِ سڀني شھرين جو ھڪ جيترو حق آھي،
.
انسان دنياوي وسيلا گڏ ڪرڻ لاء جائز ۽ ناجائز ٻئي طريقا استعمال ڪندو آهي، اسلامي تعليمات مطابق وسيلا گڏ ڪرڻ خاطر ھر اھو رستو اختيار ڪرڻ ناجائز آھي جنھن سان ٻين انسانن جا انفرادي يا اجتماعي حق کسجن، بلڪه اسلام حلال طريقن سان رزق ڪمائڻ جو حڪم ڏنو آهي، ھن وقت مغربي دنيا دنياوي سھولياتي وسيلن سان مالامال آهي، پر دراصل اھي وسيلا ٻين مظلوم طبقن جا آھن جن ذريعي مغربي دنيا عيش عشرت ۾ اسلامي دنيا کان اڳڀري نظر اچي ٿي، اھڙي طرح پاڪستان جي ننڍن صوبن جا وسيلا وڏو صوبو ڳڙڪائي رهيو آهي، جنھن سان ننڍا صوبا پستيءَ ڏانهن گامزن آھن، ھن وقت به سنڌ واسي قدرتي وسيلن سان مالا مال ھجڻ باوجود پٿر واري دور ۾ زندگي گذاري رھيا آھن، جيڪڏهن قدرتي وسيلا مخصوص علائقن يا مخصوص ماڻهن بجاءِ خلق خدا جي لاءِ برابريءَ جي بنيادن تي استعمال ٿين تہ سنڌ سميت پوري ملڪ مان غربت جو خاتمو ٿي سگھي ٿو ۽ سماج قدرتي وسيلن ذريعي پرسڪون زندگي گذاري سگھي ٿو.

Read Previous

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي پيرا ملٽري فورس تي حملي سبب ٻه اهلڪار مارجي ويا

Read Next

نوابشاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازم ۽ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Most Popular