نوابشاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازم ۽ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

نوابشاهه(رپورٽ دانش حيدر) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس جي سوين پورھيت ملازمن، آفيسرن ۽ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ 20ھين  ڏينهن به يونيورسٽي جي مختلف شعبن مان احتجاجي مظاهرو ڪري وي سي آفيس آڏو سخت احتجاج ڪيو، جڏھن ته يونيورسٽي انتظاميا وي سي آفيس کي تالو ڏئي گيٽ بند ڪري ڇڏيو، انھيءَ موقعي مظاھرين شڪيل احمد چانڊيو، سراج احمد ڀٽو، لياقت علي تنيو، اسدالله کهاوڙ، سجاد حسين سنديلو چيو ته لاڙڪاڻي ڪئمپس جي ٻن مهينن جي پگهار جلد از جلد جاري ڪئي وڃي، ھنن چيو ته اسان جي احتجاج کي 20 ڏينهن ٿي ويا آهن ليڪن يونيورسٽي انتظاميا اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿي ڪري، ھنن چيو ته پگهارون نه ملڻ جي ڪري ملازمن جي گهرن ۾ فاقاڪشي جي صورتحال آهي، ان کان علاوه يونيورسٽي اندر قانون موجب جڙيل پاليسيون بحال ڪيون وڃن ۽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، يونيورسٽي اندر جيڪا ڪرپشن جي بازار گرم آهي ان جو خاتمو ٿيڻ گهرجي، اختيارين جو ناجائز استعمال ۽ ملازمن سان ويساهه گهاتي، ڌمڪائڻ ۽ وارننگ ليٽر جبري طور تي ڏيڻ واروا عمل فوري طور بند ڪيا وڃن، ھنن اسان جا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته سڄي سنڌ جي يونيورسٽين جا ملازم 12 آڪٽوبر تي وزير اعليٰ ھائوس جو گھيراءُ ڪندا جنھن جو ذميوار وائس چانسلر سليم رضا سمون ھوندو، هنن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري يونيورسٽيز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  قائد عوام يونيورسٽي تعليم جي درسگاهه جو ماحول خراب ڪندڙ وائس چانسلر سليم رضا سمون کي هٽائي اسان جا جائز مطالبا تسليم ڪيا وڃن.

Read Previous

"قدرتي وسيلا ۽ انساني سماج”

Read Next

پيپلز هاري ڪميٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي جو تعلقه ڳڙھي خيرو جو تنظيمي دورو

Most Popular