پيپلز هاري ڪميٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي جو تعلقه ڳڙھي خيرو جو تنظيمي دورو

ڳڙھي خيرو(رپورٽر:اسدالله لغاري)پيپلز هاري ڪميٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي جو تعلقه ڳڙھي خيرو جو تنظيمي دورو. تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سميت مختلف برادرين طرفان پيپلز هاري ڪميٽي ۾ شموليت جو اعلان. خبرموجب پيپلز هاري ڪميٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي طرفان تعلقه ڳڙھي خيرو جي تنظيمي دوري جي موقعي تي ڊويزنل ڊپٽي جنرل سيڪرٽري ارشاد علي بروهي, تعلقه صدر حسين بخش جمالي ۽ ٻين عهديدارن جي موجودگي ۾ پيپلز هاري ڪميٽي جي قيادت تي اعتماد ڪندي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سهراب علي بروهي, ذوالفقار علي لاشاري سميت مختلف برادرين سان وابسته محمد هاشم لغاري, محمد موسي شيخ, ديدار علي لغاري ۽ پيربخش جتوئي سميت 15 کان وڌيڪ ماڻھن پيپلز هاري ڪميٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو.ان موقعي تي پيپلز هاري ڪميٽي جي اڳواڻن شموليت ڪندڙ دوستن کي گلن جا هار پارائي ڀليڪار چيو. ديدار حسين خان جکراڻي سان گڏ آيل ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ضلع جيڪب آباد حاجي محمد عمر کوسو, جيڪب آباد تعلقه جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ لياقت لاشاري ۽ ٻين مهمانن کي ارشاد علي بروهي, حسين بخش جمالي ۽ سميع الله عمراڻي پاران سنڌ جي ثقافت اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ويو. جڏهن ته ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر محمد رفيق بروهي به خاص طور تي شرڪت ڪئي,

Read Previous

نوابشاهه: قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ملازم ۽ استادن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج

Read Next

اسلام هميشه امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو هي: خيرپور ڊپٽي ڪمشنر

Most Popular