اسلام هميشه امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو هي: خيرپور ڊپٽي ڪمشنر

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته اسلام هميشه امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو آهي ان سلسلي ۾ مختلف مڪتب فڪر جي عالمن سڳورن ۽ اڳواڻن جو هميشه اهم ڪردار رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ ضلعي امن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور عالمن سڳورن کي چيو ته حڪومت پاران جاري ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ عوام کي قائل ڪيو وڃي جڏهن ته مذهبي اڳواڻن جي مڪمل تعاون جي ڪري ئي عاشورا جا ڏينهن امن سان گذريا آهن ۽ ضلعي اندر ضابطه اخلاق تي مڪمل عملدرآمد ڪرڻ سان گڏ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ بهتر ڪيا ويا آهن ۽ شهر اندر ڪنهن کي به ڪا نئين شيءِ ڪرڻ جي هر گز اجازت نه ڏني ويندي. ڊي سي خيرپور چيو ته سوشل ميڊيا ذريعي ماحول خراب ڪندڙن سان هرگز رعايت نه ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان حڪومت هڪ جامع حڪمت عملي پڻ جوڙي رهي آهي. ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي وڌيڪ چيو ته چهلم حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي دوران شڪي ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي ۽ اهڙو اطلاع ضلعي انتظاميه، رينجرز يا پوليس کي فوري طور تي ڏنو وڃي. هن چيو ته چهلم جي دوران پيش ايندڙ مسئلن جي حوالي سان اڳواٽ ايڪسيئن سيپڪو خيرپور سان ڳالهايو آهي جنهن هر ممڪن تعاون جي حل لاءِ يقين دهاني ڪرائي آهي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور ميونسپل ڪميٽي خيرپور جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سي ايم او کي هدايت جاري ڪندي چيو ته شهر اندر صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ عوام کي مڪمل رليف فراهم ڪيو وڃي، عوام کي رليف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان گذريل ڪجھ ڏهاڙن کان پوري ٽيم سميت مسلسل دورا ڪري رهيو آهيان عوام جي خدمت ڪرڻ اولين ذميواري آهي. هن چيو ته صحت جي حوالي سان پڻ مڪمل تياري ڪئي وئي آهي. ان موقعي تي رينجرز جي ونگ ڪمانڊر ڪرنل محمد عظيم چيو ته ضلعي اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ان سلسلي ۾ ضابطه اخلاق ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي هر حال ۾ عملدرآمد ڪرايو ويندو ۽ ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، جڏهن ته ضلعي اندر امن امان کي قائم ڪرڻ لاءِ هڪ ٽيم ٿي ڪري ڪم ڪيو ويندو. هن چيو ته جلوسن جي دوران وقت جو خاص خيال رکيو وڃي، ماتمي جلوسن جي رستن تي دڪانن کي مڪمل بند ڪرايو ويندو، دڪان بند ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان موقعي تي ايس پي هيڊڪوارٽر خيرپور انور علي بگٽي چيو ته اسان جا جوان هر وقت الرٽ آهن دشمن جي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ان حوالي سان داخلي ۽ خارجي رستن تي سڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيا ويا آهن ۽ ضلعي اندر امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ ضلعي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي. سوشل ميڊيا تي غلط مواد رکندڙن خلاف ڪارروائي لاءِ ايف آئي اي کي لکيو آهي. هن چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تحت ئي ڪم ڪيو ويندو ان تي عملدرآمد نه ڪندڙن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. اجلاس ۾ اي ڊي سي ون ضمير احمد جاگيراڻي، اي ڊي سي ٽو ظفر عباس عباسي، ضلعي جي لاڳاپيل آفيسرن، شيعه، سني، اهل سنت، ديو بندي سميت ٻين مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ عالمن سڳورن، قانون لاڳو ڪندڙ آفيسرن ۽ سمورن امن ڪميٽي جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.

Read Previous

پيپلز هاري ڪميٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر ديدار خان جکراڻي جو تعلقه ڳڙھي خيرو جو تنظيمي دورو

Read Next

مونکي فخر آهي ته مان هڪ استاد آهيان: استادن جي عالمي ڏينهن جي تقريب تي ڊاڪٽر خليل احمد جو خطاب

Most Popular