مونکي فخر آهي ته مان هڪ استاد آهيان: استادن جي عالمي ڏينهن جي تقريب تي ڊاڪٽر خليل احمد جو خطاب

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ يونيورسٽي، ماروي رورل ڊيولپمنٽ آرگنائزيشن ۽ روٽري ڪلب خيرپور ڀٽائي پاران استادن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو وائيس چانسلر شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور پروگرام جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته مونکي فخر آهي ته مان هڪ استاد آهيان. استاد سماج جو سڀ کان اهم حصو آهي. استاد جي حيثيت ۾ اها سڀ کان اهم ذميداري آهي ته هو شاگردن کي تعليم سان گڏوگڏ تربيت، ۽ ڪردار سازي تي پڻ ڌيان ڏي. هن چيو ته معاشري جي فلاح جي بنياد استاد، شاگرد، والدين، سماج ۽ حڪومت تي آهي.  استاد جو پيشو هڪ مقدس پيشو آهي. ان موقعي تي روٽري ڪلب خيرپور ڀٽائي جي چارٽر صدر سرفراز علي ڪوريجو چيو ته روٽري جي ترجيحات ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي، صفائي، ماءُ ۽ ٻارن جي صحت جي حفاظت، اسڪالرشپ جي صورت ۾ غريب شاگردن جي تعليمي مدد ۽ سماج ۾ مثبت سرگرمين کي فروغ ڏيڻ آهي. ان موقعي تي روٽري ڪلب خيرپور ڀٽائي جي گورنر ڊاڪٽر فرحان عيسيٰ جي معاون انجينئر عبدالجبار شيخ يونيورسٽي انتطاميه جي مهمان نوازي جا ساراھ ڪندي چيو ته اسانجو ادارو گڏيل سهڪار تي يقين رکي ٿو. هن چيو ته اسانکي اميد آهي ته ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو جي قابل قيادت ۾ يونيورسٽي ۾ اسان مختلف پروجيڪٽ شروع ڪنداسين. ان موقعي تي ماروي رورل ڊيولپمنٽ آرگنائزيشن جي ڊائريڪٽر پروگرامز سائرا سولنگي استادن جي اهميت تي روشني وجھندي چيو ته استادن جي اڻٿڪ محنت سان عالمي معاشري ۾ ترقي ٿي آهي ۽ هيومن ريسورس مينجمنٽ ۽ تحقيق جا نوان لاڙا متعارف ٿيا آهن. هن يونيورسٽي جي 40 غريب ملازمن لاءِ ڪورونا ڪٽس فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. حميد الله مهر ۽ ڊاڪٽر نويد احمد شيخ پڻ ان موقعي تي خطاب ڪيو. پروفيسر ڊاڪٽر تاج محمد لاشاري ڊائريڪٽر ميڊيا ۽ پبلڪ ريليشنز، پروفيسر لياقت علي چانڊيو، مريد حسين ابوپوٽو رجسٽرار، ڊاڪٽر ظهير سومرو، ڊاڪٽر جاويد اڄڻ، محمد يوسف ڪڙيو ۽ ٻين پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مهمانن کي سوينرز پيش ڪيا ويا ۽ ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.

Read Previous

اسلام هميشه امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جو درس ڏنو هي: خيرپور ڊپٽي ڪمشنر

Read Next

قاضي احمد: قاضي احمد لڳ ڳوٺ حاجي ميهر ۾ ثقافت تي ڪچهري

Most Popular