اسان چار سال بهتر انداز سان گذاريا : نذير احمد ميمڻ

مورو ( رپورٽ  محمد انيس ڪلھوڙو )ميونسپل ڪاميٽي مورو ۾ سابق چيئرمين نذير احمد ميمڻ ء سابق ڪائونسلرن جي مان ۾ چيف ميونسپل آفيسر خليق احمد سيھڙ، نور سمون ۽ مڪيش ڪمار پاران الوداعي تقريب منعقد ڪئي وئي جنھن م نذير احمد ميمڻ کي نور سمون ء مڪيش ڪمار طرفان بوسڪي جو پٽڪو پارايو ويو جڏھن تہ تقريب م آيل مھمانن کي اجرڪن جا تحفا ڏنا ويا ان موقعي تي نذير احمد ميمڻ خطاب ڪندي چيو تہ اسان چار سال بھتر انداز سان گذاريا ء ميونسپل جي ننڍي ملازم کان ويندي ھر آفيسر سان سٺو سلوڪ رکندي پنھنجو فرض نڀايو ء پنھنجي شھر جي بھتري لاءِ ڪم ڪيو شھر جي مختلف سرڪاري ملڪيتن تي ٿيل قبضا ختم ڪرائي ميونسپل جي تحويل ۾ ورتا مون رات ڏينهن مورو جي عوام جي دل سان خدمت ڪئي مونسان منھنجي ڪائونسلرن، ميونسپل جي عملي ۽ شھرين سات ڏنو مان ۽ دعوا سان چوان ٿو تہ مون ھڪ رپيو جي بہ ڪرپشن ناھي ڪئي ڀلي مخالف ڪجهه به چئون مونکي پرواھ ناھي ء جيڪو ڪجھ ڪيو اھو شھرين ء پنھنجي ڪائونسلرن سان گڏ ڪيو اڳ کان ھن وقت ميونسپل بھتر آھي انشاءَالله پنھنجي شھر جي لاءِ پيپلز پارٽي قيادت سان گڏ ڪردار ادا ڪبو نذير احمد ميمڻ پاران ميونسپل ڪاميٽي جي ملازمن کي بھترين ڪم ڪرڻ تي سرٽيفڪيٽ ڏنا آخر ۾ آتش بازي جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو،

Read Previous

پڊعيدن جي عوام کي پنهنجو حق ڏنو وڃي

Read Next

7 آڪٽوبر تي سکر بيئراج کان ريلي ڪڍي ويندي: چيئرمين عبدالوهاب ڊومڪي

Most Popular