7 آڪٽوبر تي سکر بيئراج کان ريلي ڪڍي ويندي: چيئرمين عبدالوهاب ڊومڪي

سکر(رپورٽ .امداد علي گل ڪلوڙ) سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونين متحده فيڊريشن سنڌ جو ھنگامي اجلاس   سکر بئراج تي صوبائي چيئرمين سنڌ خادم حسین کوسو جي صدارت هيٺ  ٿيو ۔ مرحلي وار تحريڪ ھلائڻ جو  اعلان اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو  ته پهرين مرحلي ۾  7 آڪٽوبر 2020 تي سکر بيئراج  کان ريلي ڪڍي ويندي    ٻئي مرحلي ۾ 14 آڪٽوبر ۽ ٽئين مرحلي ۾  21 آڪٽوبر  تي پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويندا يونين اڳواڻن خادم حسين کوسو۔بيئراج ڊويزن صدر عبدالنبي جاڳيراڻي۔۔چيئر مين عبدالوهاب ڊومڪي جو چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پاران رٽائرڊ ٿيڻ وقت سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي جيڪي ٻين صوبن جا ملازم کڻي رھيا آھن  سنڌ سرڪار ڇو نٿي ڏي جڏهن ته سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن کي به  ھليٿ ڪارڊ ڏنو ويو آهي باقي ملازمن کي ڇو نٿو ڏنو وڃي هنن  چيو ته  اسان جي 28971 ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ ان جي اولاد کي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏنيون وڃن فوتي ملازمن جي اولادن  کي چيف انجنيئر جي ليول جي نوڪري ڏني وڃي سنڌ سرڪار اھڙو پراسز رکيو آهي جيڪو غريب جي وس کان ٻاهر آهي ڪيترائي سال گزري وڃڻ باوجود  نوڪريون نه  ٿيون ملن غريب ماڻهو ڪنهن در دانهي جيڪڏهن اسانجي جائز  مطالبن تي عمل نه ٿيو ته بئراجي ملازم ڪم ڇڏ هڙتال ڪررڻ تي مجبور ٿي ويندا ان موقعي تي الشھباز يونين کي الوداع  چوندي ملازم حسين شيخ۔محمد الياس مين ۔منير احمد۔عاقل شاه۔غلام سرور گهمرو۔غلام علي ميراڻي۔مغل حسين گهمرو ۽ٻين سنڌ ايريگيشن متحده فيڊريشن ٽريڊ يونين ۾ شموليت جو اعلان ڪيو

Read Previous

اسان چار سال بهتر انداز سان گذاريا : نذير احمد ميمڻ

Read Next

سکر: سنگرار ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

Most Popular