پڊعيدن جي عوام کي پنهنجو حق ڏنو وڃي

وقار ابراهيم راڄپر

پڊعيدن شهر تقريبن 2 صديون پراڻو شهر آهي شهر جي موجوده آبادي تقريبن 40000 چاليهه هزار کان وڌيڪ آهي ٻاهراري ۾ يوسي ڀانڀري يوسي چيھو يوسي ٻيلا واھ يوسي ڏنگيجا ۽ ننڍا وڏا شهر ڦل دريا خان مري ڪلهوڙا اسٽيشن پير صادق چيھو جلالجي ڀريا روڊ ۽ هزاري ڳوٺ آهن  سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي جنگشن ۽ پڊعيدن اسٽيشن ٺهي جتي هر ٽرين جو اسٽاپ هيو ۽ بهترين صاف پاڻي هجڻ ڪري اتان پاڻي ڀريو ويندو هو بهترين لوڪو شيڊ ۽ گيئرج ب هئي اتان کان نوابشاه ٽنڊو آدم ڪوٽڙي خيرپور روهڙي سکر نوشهروفيروز مٺياڻي مورو سعيد آباد ڀٽ شاھ ڪنڊيارو محراب پور لاءِ ٽرين روانيون ٿينديون هيون ۽ نئون شهر اسٽيشن ٺهيو ۽ ترقي ڪئي انگريزن جي دور کان اسلام باد نالي سان وڏي  ايئرپورٽ قائم ڪئي وئي هئي جتي جنگي جهاز لهندا هئا موجوده دور ۾ به موسميات خاتي جون آفيسون موجود آھي ۽  ريلوي ڦاٽڪ جي ڀر ۾ ايريگيشن جو بنگلو بهترين پارڪ ۽ ايڪسچينج ب هئي ان سان گڏ هائي اسڪول ۽ گرڊ اسٽيشن پڊعيدن ۾ 300 ايڪڙ ايگريڪلچر فارم  مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج گرلز ڊگري ڪاليج بهترين اي ٽائپ سرڪاري اسپتال ٽائون ڪاميٽي فلور مل ڪيتريون رائس ملون ۽ صدر ٿاڻو جنهن جون ڀريا روڊ ۽ دريا خان مري چوڪيون رهيون آهن ان تاريخي شهر کي ضلع جو درجو ملڻ کپي ها پر ان کي تعلقو ب نٿو بڻايو وڃي پڊعيدن کي 1989 کان وٺي پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ ڪئمپ قائم ڪري ڀرپور تحريڪ هلائي ان  وقت به پڊعيدن جو تعلقو حق هيو جيڪو ڀريا سٽي تعلقو ٿيو پر  اڄ هنن نوجوان ان مشن کي عزم بختي ايرادي سان کڻي نڪتا آهن اهو بنيادي اخلاقي حق ب آهي ت هن تاريخي قديمي شهر کي تعلقي جو درجو ڏيئي ختم ۽ تباھ ڪيل ايئرپورٽ ايريگيشن بنگلو پارڪ لوڪو شيڊ ۽ ٽرينن جا اسٽاپ بحال ڪيا وڃن موجوده دور ۾ پڊعيدن کي مهراڻ هائوي ۽ موٽروي لڳي ٿو ان جي باوجو پڊعيدن جي عوام سان ناانصافي ڇو  گذريل ٻن مهينن کان  پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ جي لاء شھر جي سڀني پارٽين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن گڏجي  شھري ايڪشن ڪاميٽي ٺاهي آھي جنهن جو چيئرمين درگاه جمن شاه جو گادي نشين پير سائين رڪن الدين قريشي کي چونڊيو آھي ان جي اڳواڻي ۾ پڊعيدن کان نوشھروفيروز پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍهي وئي ان کان پوء پڊعيدن ٽائون ۽ اسٽيشن تي احتجاج ڪيا ويا ان کان پوء نصرت ڪئنال تي ٽن ڏينهن جي لاء بک هڙتال ڪيئمپ لڳائي وئي ان کان پوء ٻنهي شھرن ۾ مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي پر ضلعي نوشھروفيروز سميت سنڌ جي ڪنهن به سياسي ماڻھون يان حڪمرانن اک نه پٽي توڙي حد جي ايم اين اي ايم پي اي يان ڊي سي نوشھروفيروز به اک نه پٽي ڪير به شھرين سان ڳالهائڻ يان خاطري ڏيارڻ جي لاء نه پهتو  واحد پڊعيدن ٽائون آھي جيڪا نوشھروفيروز ۾ وڏي ۾ وڏي ٽائون ڪاميٽي آھي جنهن ۾ ڏھ وارڊ آھن ان جي باوجو پڊعيدن جي عوام سان ناانصافي ڪئي ٿي وڃي اڄ کان ڏھ سال اڳ اڳوڻي سي ايم سيد قائم علي شاه واعدو ڪيو ان کان پوء موجوده سي ايم سنڌ سيد مراد علي شاه پڊعيدن جي عوام سان واعدو ڪيو ت پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏنو ويندو پر هنن جا واعدا واعدا ئي رهجي ويا هن محل تائين رڳو ڏٽا ۽ آسرا ٿا ڏنا وڃن هنن چيوت اسان وري به حڪومت سنڌ کان گهر ٿا ڪيون ته  جلد کان جلد پڊعيدن کي تعلقي جو درجو ڏئي عوام مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ سخت  پرامن احتجاج جي تحريڪ هلائيويندي

Read Previous

قاضي احمد: قاضي احمد لڳ ڳوٺ حاجي ميهر ۾ ثقافت تي ڪچهري

Read Next

اسان چار سال بهتر انداز سان گذاريا : نذير احمد ميمڻ

Most Popular