سکر: سنگرار ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

سکر(رپورٽ۔امداد علي گل ڪلوڙ)  هڪ   ڳوٺ واسي نوجوان محرم علي پٽ گلزار شنباڻي ۽ حاڪم علي شنباڻي سکر ۾  احتجاج ڪندي چيو آھي ته سنگرار ٿاڻي جو ايس ايڇ او خان محمد هيسباڻي جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻجي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائيندي اڇي ڪاغذ تي صحيون ورتيون آھن هنن ٻڌايو ته  ته هڪ سال اڳ محرم علي پٽ گلزار احمد ۔ناري رابعا ڌيء شاه بخش ملڪ سان سکر جي عدالت ۾ پسند جي شادي ڪئي هئي ناري هن وقت عدالتي حڪم تي سکر جي دارلامان ۾ آھي جڏهن ته جوابدار لعل ڏنو چاچڙ ۔غلام محمد چاچڙ۔شھزادو۔لياقت علي ۽ نادر سميت ٻارهن جوابدارن نوجوان محرم اغوا ڪري سخت تشدد جو نشانو بڻايو هو  پوليس جي مداخلت تي مغوي محرم علي کي آزاد ڪيو هنن ٻڌايو ته پوليس جوابدار ڌر سان ٻٽ بڻجي جوابدارن بجاء اسن کي حراسان پئي ڪري  هنن اعلي اختيارن کان گهر ڪئي آھي ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي آھي

Read Previous

7 آڪٽوبر تي سکر بيئراج کان ريلي ڪڍي ويندي: چيئرمين عبدالوهاب ڊومڪي

Read Next

ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي واسي عورتون ڳوٺ جي بااثر ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Most Popular