ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي واسي عورتون ڳوٺ جي بااثر ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) مورو ڀرسان ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي جي رھواسڻ مسمات رحمت خاتون پنھنجي پيرسن امڙ آست ڪوائي سان گڏجي ڳوٺ جي بااثر ۽ ڪورائي ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ظلم زيادتين خلاف نوشهروفيروز پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد صحافين کي ٻڌايو ته ڪافي سال اڳ منھنجي شادي پڦاٽ محمد ڪورائي سان ٿي هئي جڏهن مان پنهنجي ڀاءُ غلام مرتضيٰ لاءِ عيوضي ۾ پنهنجي مڙس کان فرزانا ڪورائي جو رشتو گهريو هو پر بعد ۾ هن مون کي طلاق ڏئي گھران ڪڍي ڇڏيو ھاڻي رشتو گهرڻ تان منھنجي والدين، ڀاءُ ۽ مون کي موت مار ڌمڪيون ڏين ٿا ۽ اسان تي بار بار حملا ڪري رھيا آھن جڏھن ته پوليس کي پيسا ڏئي اسان مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آھي. ڪورائي ٿاڻي جي پوليس چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي اسان جي گھرن تي چڙھايون ڪري ڀڃ ڊاھ ڪري گھرن مان سامان، سونا زيور روڪ رقم ۽ ڪڪڙيون کڻي وئي آھي جنھن جون دانھون ڪيون ٿا ته ڳوٺ جو بااثر شاهه محمد ڪورائي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. مظاھرو ڪندڙ عورت الزام ھڻندي چيو ته ڳوٺ جو بااثر شاھ محمد ڪورائي، عبدالغفار ڪورائي، وقار، نادر، رضا محمد، ياسين، افضل، امين، قاسم ۽ ٻين هٿان اسان جي گھرن کي باھ ڏياري جنھن سبب قرآن پاڪ ۽ پيل سمورو سامان سڙي رک جو ڍير ٿي ويو ۽ منهنجي ڀاءُ غلام مرتضيٰ کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي گاڏي، موبائل فون ۽ روڪ رقم به ڦري ويا. اسان اهڙي دانهن ڪورائي ٿاڻي تي کڻي وياسين پر اسان جو فرياد نه ورتو ويو ۽ پوليس بااثر وڏيري جي ونگارو بڻيل آهي ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. هنن ايس ايس پي نوشهروفيروز سميت اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهر کي باهه ڏيندڙ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏيندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.

Read Previous

سکر: سنگرار ٿاڻي جو ايس ايڇ او جي زيادتين خلاف ڳوٺاڻي جو احتجاج

Read Next

مٽياري: استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب ۾ استادن کي ايوارڊ ورهيا ويا

Most Popular