مٽياري: استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب ۾ استادن کي ايوارڊ ورهيا ويا

مٽياري : پوري دنيا جيان مٽياري ۾ به استادن جي عالمي ڏهاڙي تي مٽياري ۾  فلاحي تنظيم دي روز انٽرنيشنل لائبريري جي چيف آرگنائزر محمد بچل ميمڻ، آرگنائزر رفيق سومرو، سينئر ميمبر عبدالرزاق ميمڻ تنظيم پاران گورنمينٽ ايم ڊي ايم بوائز هاء اسڪول مٽياري ۾ استادن جي حوصلا افزائي جي حوالي سان ھر سال جيان هن سال به ايوارڊ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب جا مهمان خاص اشفاق ميمڻ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ميٽرو ملز، پ ٽ الف اڳواڻ سيد اناردين شاہ،سائين نعيم، وڪيو چنڊ، آپا ساجدہ ميمڻ، آپا بدرنساء ميمڻ، آپا صوفيا ميمڻ، بشير احمد کتري، امتياز مکڻ خاصخيلي، رضا محمد ميمڻ، ۽ ٻين استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن تقريب ۾ مٽياري جي بهترين استادن جي ڪارڪردگي تي کين مڃتا ايوارڊ سان نوازيو ويو ايوارڊ وصول ڪندڙ ۾ محمد اسلم ميمڻ، محمد اشرف ميمن، آپا سفيه بانو ميمڻ، آپا شبانہ خاصخيلي، وڪيو چنڊ، حاجي ڪڇي سميت ٻين ڪيترن ئي استادن کي مڃتا ايوارڊ سان نوازيو ويو جڏهن ته تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته دي روز انٽرنيشنل لائبريري جس لهي جيڪا هر سال استادن جي عظمت کي سلام پيش ڪندي هيڙا پروگرام ترتيب ڪندا آهن اڳواڻن چيو ته استاد قوم جو معمار چيا ۽ روحاني والدين جو درجو ڏنو ويندو آهي استادن جو تعلق پيغمبري پيشي سان آهي جنهن جو مقصد انسان سازي ڪرڻ آهي هنن چيو ته ڪنهن قوم تي زوال اچڻ جي سڀ کان وڏي وجه اها به آهي ته استادن جي عزت ۽ نافرماني ڪرڻ هجي استادن جي عظمت جي باري ۾ دنيا جي ڪيترن ئي زبانن ۾ بي شمار قول موجود آهن هنن وڌيڪ چيو ته ترقي جي منزلون تعليم سان ئي جڙيل آهن جنهن ۾ استادن جو اهم ڪردار آهي اڄ استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تمام شعبن سان تعلق رکندڙ استادن کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي

Read Previous

ڳوٺ ڏتل خان ڪورائي واسي عورتون ڳوٺ جي بااثر ۽ پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

Read Next

قاضي احمد: ايز يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو پيو وڃي

Most Popular