قاضي احمد: ايز يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو پيو وڃي

قاضي احمد (رپورٽ علي نواز جتوئي)  سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي تعلقه قاضي احمد پاران ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سالگرهه پريس ڪلب قاضي احمد ۾ ملهائي وئي جنھن ۾ پارٽي ڪارڪنن سميت صحافين شرڪت ڪئي ان موقعي تي تعلقي صدر رياض ڪاڪيپوٽو ڳالهائيندي چيو ته سيد زين شاهه جي قيادت ۾ سنڌ اندر ٻرندڙ مسئلن تي بهادري سان جدوجهد جاري آهي سنڌ جي مفادن لاءِ پاڻ مڃائيندڙ ۽ ايندڙ بي ڊي جي اليڪشن ۾ اسان ڀرپور حصو وٺندا سين جنهن ۾ توهان کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان جو ساٿ ڏيندا ضلع اڳواڻ ڪامريڊ ايم بي ڏاهري ڳالهائيندي چيو ته اسان جي محبوب ليڊر سيد زين شاهه جي سالگرهه ملهائي خوشي محسوس ڪري رهيا آهيون جيڪو رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ جي معاملي تي پنهنجو چٽو موقف رکيو آهي ۽ سنڌ جي مفادن تي نه سودي بازي نه ڪئي آ نه ڪندو انموقعي تي سائل لاکو بادشاہ بوزدار فضل گھلو پريس ڪلب قاضي احمد جو اڳوڻو صدر رانا عبدالغفور راجپوت نعيم قريشي حافظ مٺل ڏاهري ذوالفقار علي لاکو آفتاب جتوئي جتوئي ۽ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي

Read Previous

مٽياري: استادن جي عالمي ڏهاڙي تي تقريب ۾ استادن کي ايوارڊ ورهيا ويا

Read Next

عمران خان کي سياسي انتقامي وٺن بدران ملڪ معيشت تي توجه ڏئي: خورشيد شاهه

Most Popular