عمران خان کي سياسي انتقامي وٺن بدران ملڪ معيشت تي توجه ڏئي: خورشيد شاهه

سکر ( رپورٽ ۔امداد علي گل ڪلوڙ) خورشيد شاهه آمدن کان وڌيڪ اثاثا ريفرنس ڪيس جي ٻڌڻي خورشيد شاهه کي احتساب عدالت۾ پيش ڪيو ويو ،احتساب عدالت  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد نيب پراسڪيوٽرجي درخواست تي  فيصلو  محفوظ ڪيو  12 آڪٽوبر تي فيصلو  ٻڌايو ويندو خورشيد شاھ ريفرنس ڪيس۾ نامزد ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا نيب احتساب عدالت ۾ ھڪ ارب 23 ڪروڙين جي ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ھو  ان موقعي تي گرفتار ٿيل سيد خورشيد احمد شاھ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جون حالتون انتھائي خراب ٿي چڪيون آھن ،عمران خان حڪومت سياسي انتقام وٺي رھي آھي ، عمران خان کي سياسي انتقام وٺڻ بدران ملڪ جي معيشت تي توجو ڏيڻ گهرجي، خورشيد شاهه چيو ته سنڌ جي تقسيم ايم ڪيو ايم جي سوچ نه پر عمران خان جي سوچ بڻجي وئي آھي خورشيد شاهه چيو ته ملڪ جو حقيقي وارث عوام آھي ، سياستدان ھجي يا ادارا بھي عوام جا خادم آھن، عمران خان وٽ مثبت ڪو به بيان ناھي حڪومت ھلائڻ عمران خان جي وس جي ڳالهه ناهي ملڪ جو سربراھ ڪنھن جي ڳالھ ٻڌڻ لاء تيار ناھي،ائين لڳي رھيو آھي ت ھن حڪومت جو معشيت سان ڪو واسطو ناھي ،خورشيد شاھ وڌيڪ  چيو ته اسٽبلشمينٽ کي اپوزيشن  کي گھرائڻ تي به حڪومت کي اعتراف آهي ملڪ ۾ مھگائي وڌي وئي آھي حڪومت عوامي مسئلن کي نظر انداز ڪري رھي آھي

Read Previous

قاضي احمد: ايز يو پي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو پيو وڃي

Read Next

مٽياري : سيکاٽ ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار پاران 11 سالن جي نينگري سان زيادتي ، حالت ڳڻتي جوڳي اسپتال منتقل

Most Popular