نواز شريف خلاف ڪيس رياست نه هڪ شهري داخل ڪرايو: پوليس جي وضاحت

لاهور : لاهور پوليس وضاحت ڪئي آهي ته شاهدره ٿاڻي تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين ليگي اڳواڻن خلاف ڪيس رياست يا ڪنهن رياستي اداري طرفان نه پر هڪ نجي شهري بدر رشيد جي درخواست تي داخل ڪيو ويو.  لاهور پوليس جي ترجمان چيو ته ميڊيا ۾ شاهدره ٿاڻي تي داخل ڪيس جي حوالي سان مختلف اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن، جيتوڻيڪ اهو ڪيس شهري بدر رشيد جي درخواست تي داخل ڪيو ويو. پوليس ترجمان جو چوڻ هو ته درخواست تي ضابطن موجب ڪارروائي ڪندي شاهدره پوليس تحرير موجب جيڪي قانون جا قلم ٺهن ٿا، انهن تحت ڪيس داخل ڪيو. ترجمان موجب ان ڪيس ۾ سڀني رُخن ۽ قانوني تقاضن کي نظر ۾ رکندي ميرٽ تي جاچ ڪئي پئي وڃي، جاچ دوران جنهن ماڻهو يا ماڻهن خلاف ڪي ثبوت مليا ته رڳو انهن خلاف ئي قانوني ڪارروائي اڳتي وڌائي ويندي ۽ ڪيس ۾ انصاف جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سميت ن ليگ جي اڳواڻن خلاف لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن تي اپوزيشن سخت ردعمل ظاهر ڪيو آهي، جڏهن ته حڪومت ان ڪيس کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.

Read Previous

وفاقي ڪابينا اجلاس: وزيراعظم آفيس ۽ ايوان صدر کي 33 بلٽ پروف گاڏيون استعمال ڪرڻ جي اجازت

Read Next

ڪلڀوشن ڪيس: ڀارت جو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ کان انڪار

Most Popular