ڪلڀوشن ڪيس: ڀارت جو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ کان انڪار

اسلام آباد : ڀارت هڪ ڀيرو ٻيهر ڪلڀوشن ياديو بابت عدالتي ڪارروائيءَ جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ گرفتار حاضر سروس ”را“ آفيسر کي وڪيل فراهم ڪرڻ بابت قانون واري وزارت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڀارت ڪلڀوشن ڪيس ۾ 7 سيپٽمبر تي جواب موڪليو آهي، جنهن ۾ 4 بي بنياد اعتراض واريا ويا آهن. هن چيو ته ڀارت لنڊن ۾ پريڪٽس ڪندڙ ڪوئينز ڪونسل کي وڪيل طور پيش ڪرڻ جي اجازت گهري آهي، آرڊيننس تحت ڪلڀوشن پاڻ، قونصلر يا نمائندي ذريعي ڪارروائي جو حصو بڻجي سگهي ٿو پر ڀارت ڄاڻي واڻي ڪلڀوشن ڪيس کان ڀڄي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته هاڻ اهو ئي آپشن وڃي بچي ٿو ته حڪومت ڪلڀوشن ياديو لاءِ وڪيل مقرر ڪري، رياست ۽ عدالت ٻئي ڪلڀوشن ڪيس ۾ فيئر ٽرائل کي يقيني بڻائڻ چاهين ٿيون. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هيءَ عدالت پنهنجي طور ڪلڀوشن لاءِ وڪيل مقرر ڪري سگهي ٿي؟ عدالت جي مدد ڪيو ته ڀارت يا ڪلڀوشن جي مرضي بنا وڪيل مقرر ڪرڻ جا ڪهڙا اثر هوندا؟ ڇا اهو ڪلڀوشن ڪيس ۾ نظرثاني جا قانوني تقاضا پورا ڪندو؟ ڀارت ۽ ڪلڀوشن وڪيل نٿا ڪن ته ڪيس اڳتي ڪيئن وڌندو؟ عدالت اٽارني جنرل ۽ عدالتي مددگار کي دليلن ۽ بين الاقواني عدالتي شاهديون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 9 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

نواز شريف خلاف ڪيس رياست نه هڪ شهري داخل ڪرايو: پوليس جي وضاحت

Read Next

ن ليگ سان واسطو رکندڙ اسلام آباد جي ميئر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Most Popular