ن ليگ سان واسطو رکندڙ اسلام آباد جي ميئر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

اسلام آباد : اسلام آباد جي ميئر شيخ انصر عزيز عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن جي ترجمان اسلام آباد جي ميئر جي استعيفيٰ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. في الحال شيخ انصر عزيز جي استعيفيٰ جا ڪارڻ سامهون ناهن آيا. واضح رهي ته وفاقي حڪومت هلندڙ سال جون ۾ ن ليگ سان واسطو رکندڙ اسلام آباد جي ميئر شيخ انصر کي معطل ڪري ڇڏيو هو، جنهن کانپوءِ هن اهو فيصلو عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ عدالت سندس معطلي جو حڪم نامو معطل ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

ڪلڀوشن ڪيس: ڀارت جو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي ڪارروائي جو حصو بڻجڻ کان انڪار

Read Next

اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهم پيغام

Most Popular