اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهم پيغام

Trump

واشنگٽن : آمريڪي صدر جي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي ۽ هو تمام جلد واپس وائيٽ هائوس منتقل ٿي ويندو. ٽرمپ جي ڊاڪٽر شان ڊولي اعتراف ڪيو آهي ته آمريڪي صدر جي حالت ڪهڙي ڪهڙي مهل ان کان به وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي، جيتري خبرن ذريعي پيش ڪئي پئي وئي. ٽوئيٽر تي پوسٽ ڪيل هڪ ويڊيو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته بيماري مون لاءِ هڪ سبق آهي. علاج دوران ڪجهه وقت لاءِ آمريڪي صدر ملٽري ڪلينڪ کان نڪري ٻاهر به آيو هو، جتي سندس حامي موجود هئا. واضح رهي ته جمعي جي صبح 74 ورهين جي ڊونلڊ ٽرمپ کي بخار ٿيو هو.

Read Previous

ن ليگ سان واسطو رکندڙ اسلام آباد جي ميئر استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

Read Next

مايا علي جي تازين تصويرن جي هاڪَ، صبا قمر به چُپ نه رهي سگهي

Most Popular