مايا علي جي تازين تصويرن جي هاڪَ، صبا قمر به چُپ نه رهي سگهي

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا مايا علي جي تازين تصويرن کي ڏسي اداڪارا صبا قمر کيس گڏي (ڊول) قرار ڏئي ڇڏيو. مايا علي انسٽاگرام تي پنهنجي نئين شوٽ جون تصويرون پوسٽ ڪيون آهن، جنهن جي مداحن طرفان ڏاڍي تعريف ڪئي پئي وڃي. اداڪارا مايا علي نين تصويرن کي ڏسي جتي مداح ان جي سونهن جا چرچا ڪري رهيا آهن، اتي ئي وري اداڪارا صبا قبر به پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. صبا قمر، مايا علي جي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي کيس ”ڊول“ قرار ڏئي ڇڏيو ۽ گڏوگڏ پنهنجي ڪمينٽ ۾ دل وارو ايموجي به موڪليو.

Read Previous

اسپتال ۾ علاج هيٺ ڊونلڊ ٽرمپ جو اهم پيغام

Read Next

شاهين آفريدي جو گهٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪرڻ جو رڪارڊ

Most Popular