شاهين آفريدي جو گهٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪرڻ جو رڪارڊ

ملتان : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي گذريل 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 4 ڀيرا 5 وڪيٽون وٺي وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ملتان اسٽيڊيم ۾ نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ميچ دوران سنڌ خلاف خيبر پختونخواهه جي نمائندگي ڪندڙ شاهين آفريدي بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 بيٽسمينن کي پويلين موٽايو. هن 4 اوورن ۾ رڳو 21 رنسون ڏئي خرم منظور، اعظم خان، انور علي، سهيل خان ۽ شرجيل خان جي اننگز جو خاتمو آندو، ائين نوجوان فاسٽ بالر گذريل 3 ميچن ۾ ٻيو ڀيرو 5 وڪيٽون پنهنجي نالي ڪري ورتيون. شاهين آفريدي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ مجموعي طور 4 ڀيرا 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي ۽ اهو اعزاز هن گهٽ ميچون کيڏي حاصل ڪيو آهي. سريلنڪا جي لاسٿ ملنگا وٽ مختصر ترين فارميٽ ۾ 5 ڀيرا 5 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو اعزاز ته آهي پر ان لاءِ هن 289 ميچون کيڏيون، جڏهن ته شاهين آفريدي رڳو 56 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪري چڪو آهي. نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي گذريل 5 ميچن ۾ ٽيون ڀيرو اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.

Read Previous

مايا علي جي تازين تصويرن جي هاڪَ، صبا قمر به چُپ نه رهي سگهي

Read Next

ڪوٽڙي ايس ٽي پي سڏ تي وفاق جو ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Most Popular