ڪوٽڙي ايس ٽي پي سڏ تي وفاق جو ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي


ڪوٽڙي ( رپوٽر : محمد اظھر رند ) سنڌ ترقي پسند تنظيم جي سڏ تي وفاق پاران ٻيٽن تي قبضي واري آرڊينينس خلاف شھر جي مک المدينا چونڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ‘ جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ۽ شھرين شرڪت ڪئي ـ جنهن جي اڳواڻي يونس اوٺو سڪندر بليدي اظھر بليدي ابراھيم کامڙيو امجد مستوئي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا اڳواڻن جو چوڻ ھو ته وفاق طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ وارو منظور بل واپس ورتو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ـ ھنن سنڌ جي ماڻهن کان اپيل ڪئي ته 11 آڪٽوبر گورنر ھاوس ڪراچي واري ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪن ـ

Read Previous

شاهين آفريدي جو گهٽ ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 4 ڀيرا 5 شڪار ڪرڻ جو رڪارڊ

Read Next

مٽياري: ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي ڀٽ شاھ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون

Most Popular