مٽياري: ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي ڀٽ شاھ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون

مٽياري ،،رپورٽ  ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو جي حڪم تي ڀٽ شاھ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون.تفصيل موجب ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو جي حڪم تي ڀٽ شاھ پوليس ٽن مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ڪندي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ڀٽ شاھ پوليس موجب جوابدار علي مراد ٻٻر کي گرفتار ڪري 90 گرام چرس هٿ ڪري سندس مٿان گناه نمبر 85/2020 تحت ڪيس داخل ڪيو جڏهن ته جوابدار بخت نواز رونگهو وٽان 210 گٽڪا ۽ جوابدار جمع خان کوسو وٽان هڪ ٽي ٽي پسٽل ٽي ميگزين ۽ 13 گوليون برآمد ٿيڻ تي سندن مٿان ڀٽ شاھ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ورتو هو

Read Previous

ڪوٽڙي ايس ٽي پي سڏ تي وفاق جو ٻيٽن تي قبضي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

Read Next

بدين: شهر ۾ رولو ڪتن وڌي ويا، شهري پريشان

Most Popular