بدين: شهر ۾ رولو ڪتن وڌي ويا، شهري پريشان

بدين (رپورٽر روشن الدين ڪوريجو  ) بدين جي آس پاس جي ڳوٺن جا مٿي هن وقت موسم جي تبديلي جي ڪري زولو ڪتن جو وڏو تعداد ڳوٺن کان شهرن طرف وڌي ويو آهي. جنهن ڪري بدين شهر جي مختلف علائقن جن ۾ پير عاليشاهه عيد گاهه ، ڪڍڻ روڊ ، ايريگيشن ڪالوني ، حيدر ٽائون ، حاجي احمد ملاح قبرستان ڪينٽ روڊ ، صديق ڪنڀار محله ، کوسڪي روڊ ، درگاهه شاهه قادري ، قاضيه واهه پُل کان اتر طرف لوڻائي پاڙو ، رئيس ڪريم بخش جمالي ، ڳوٺ حاجي هاشم خاصخيلي ، حيدرآباد مين بس اسٽاپ ، اتفاق ڪالوني ، اسٽيشن گرائونڊ ، سول اسپتال روڊ ، بدين پريس ڪلب روڊ، گجراتي پاڙو ، شاهه برهان روڊ ۽ ٻين علائقن ۾ ڄڻ ڪتن جا ميلا لڳا پيا آهن. ڪتن جا هجوم هئڻ ڪري ڪتا پاڻ ۾ وڙهن ٿا ، هڪٻئي کي ڇڪ پائين ٿا ، جيڪڏهن انهن ۾ ڪو ڇتو ڪتو موجود هوندو آهي ته اهي جراثيم ٻين ڪتن ۾ به پکڙجن ٿا. ڪتا ڇتا ٿيڻ ڪري اهي شهرين کي به ڏاڙهين ٿا ، رات جي وقت ۽ صبح جو سويل رستي تي اچڻ وڃڻ وارن ماڻهن کي ، موٽر سائيڪل وارن کي ڦري اچن ٿا ، انهن کي ڪيرايو ڇڏين. پر ضلعي انتظاميا جي ڊي سي بدين ۽ ميونسپل ڪميٽي بدين جي سي ايم او ۽ ايڊمنسٽريٽر کان پڇاڻو ڪجي ٿو ته ڪتا مار مهم ڇو نٿي هلائي وڃي . ته ميونسپل ڪميٽي بدين وارا چون ٿا ته اسان وٽ ڪتن مارڻ جي دوا موجود نه آهي. ميونسپل ڪميٽي بدين وارا پاڻ کي بي اختيار ڄاڻائين ٿا ۽ انهي جو سڄو ذميوار ڊي سي بدين کي ڄاڻائين ٿا ڇو ته بدين ضلعي جي ميونسپل ڪميٽي جا فند ۽ اختيار سڀ ڊي سي بدين وٽ آهن.

Read Previous

مٽياري: ايس ايس پي مٽياري جي حڪم تي ڀٽ شاھ پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون

Read Next

سکر: جبري طور مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون آهن: چيئرمين سينيٽر انوار الحق

Most Popular