سکر: جبري طور مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون آهن: چيئرمين سينيٽر انوار الحق

سکر: (بيورو رپورٽ) اقليتن کي جبري مذهب بدلائڻ کان تحفظ فراهم جي سلسلي ۾ سينيٽ جي جوڙيل پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ جي اڳواڻي ۾ ٻين ڪميٽي ميمبرن سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، حيدرآباد، نوابشاهه، سانگهڙ، ٿرپارڪر، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن جي هندو توڙي ٻي اقليتي برادرين جي نمائندن ۽ اڳواڻن سان گڏجاڻي ڪئي، اجلاس ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، آر پي او سکر ڊاڪٽر ڪامران فضل ۽ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور سميت مختلف انتظامي ۽ پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ ڪميٽي ميمبرن ۾ لال چند مالهي، کيئل داس ڪوهستاني، رميش لال، نويد عامر جيوا، ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار، شنيلا رُٺ ۽ ٻيا پڻ شامل هئا. ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز پنهنجي ضلعن ۾ نارين ۽ مردن پاران مذهب بدلائڻ جي سلسلي ۾ ٿيل ڪيسن بابت اجلاس ۾ آگاهي ڏني. ان موقعي تي گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، نوابشاهه، ٿرپارڪر ۽ ٻين علائقن کان پهتل هندو برادري سميت ٻين اقليتي نمائندن توڙي اڳواڻن مسئلن کان آگاهه ڪندي جبري طور مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون ۽ سفارشون پيش ڪيون. پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ اقليتي نمائندن کي خاطري ڪرائي ته اقليتون پاڪستان جون محب وطن آهن ۽ سندن تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي. هن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته مذهب مٽائڻ جي مسئلي تي گڏيل مڪينزم هئڻ گهرجي جيڪو سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول هجي ان سلسلي ۾ سفارشون ۽ تجويزون ڏنيون وڃن، جڏهن ته مذهب مٽائڻ جي معاملي ۾ والدين جي حقن جو پڻ خيال رکڻ لازمي آهي. سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ وڌيڪ چيو ته هندو برادري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو ويندو، دين اسلام ۾ ڪوبه جبر نه آهي، اقليتي نمائندن پاران مليل تجويزن کي ايوان آڏو پيش ڪيو ويندو. اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پارلياماني ڪميٽي جي چيئرمين انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته هندو برادري ۽ ٻين اقليتي نمائندن کي غور سان ٻڌو ويو آهي، جبري طور مذهب مٽائڻ تڪليف ڏيندڙ عمل آهي جنهن کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اقليتي نمائندن سان گڏوگڏ ڪمشنر سکر ڊويزن ۽ آر پي او سکر سميت ٻين آفيسرن سان قانونسازي ۽ مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. هن پارلياماني ڪميٽي ۾ پ پ، ن ليگ، پي ٽي آءِ سميت مذهبي جماعتن جي نمائندگي آهي، رياست پاڪستان ۾ اقليتن کي مليل حقن جي تحفظ جي روشني ۾ هي ڪميٽي ڪم ڪندي، ان سلسلي ۾ قانونسازي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن جڏهن ته انتظامي حوالي سان صوبائي حڪومت سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ اسين ڪراچي ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي پوليس سميت ٻين اعليٰ اختيارين سان گڏجاڻيون ڪيون وينديون. هن چيو ته مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ صوبي ۾ منظم ڌرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي ۽ مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪيا ويندا، هندو نياڻين سان گڏوگڏ ٻين مذهبن جون نياڻيون به مذهب بدلائي رهيون آهن اسين سڀني مڪتب فڪر ۽ اقليتن جي نياڻين جو سماجي، مالي ۽ عزت ڀريو محفوظ مستقبل چاهيون ٿا ۽ حڪومت سندن تحفظ لاءِ اثرائتا اُپاءَ وٺي رهي آهي. هن چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي جو مقصد ڪميٽي پاران اقليتن جا احساس ۽ موقف ٻڌڻ هو، سندن تجويزن ۽ احساسن کي حڪومت تائين پهچايو ويندو.

Read Previous

بدين: شهر ۾ رولو ڪتن وڌي ويا، شهري پريشان

Read Next

سکر: تصور چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر سکر

Most Popular