سکر: تصور چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر سکر

سکر(بيورو رپورٽ) : ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته چهلم دوران محرم جيان حفاظتي ۽ صفائي جا انتظام ڪيا وڃن ته جيئن پرامن طريقي سان چهلم گذري وڃي، ان سلسلي ۾ لاڳاپيل ادارا گڏيل ۽ منظم ڪوششون وٺن. هن اهڙيون هدايتون پنهنجي آفيس جي ڪانفرنس روم ۾ چهلم شهداءِ ڪربلا جي انتظامن تي روشني وجهڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ رينجرز، پوليس، صحت، روينيو، مڪاني ادارن، ميونسپل، سيپڪو، اسڪائوٽس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ علماءِ ڪرام پڻ شرڪت ڪئي. ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور ميونسپل، لوڪل گورنمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته چهلم جي جلوسن جي روٽس جي صفائي سٿرائي، واٽر سپلاءِ ۽ اسٽريٽ لائيٽ جا بهتر انتظام ڪيا وڃن، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز پنهنجي تعلقن ۾ انتظامي ۽ صفائي جي ڪمن جي نگراني ڪندا. هن پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي چهلم جي موقعي تي سڪيورٽي انتظام سخت ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکي وڃي جڏهن ته اسڪائوٽس ۽ رضاڪارن جي ڀرپور مدد حاصل ڪئي وڃي. ڊي سي سکر وڌيڪ چيو ته چهلم جي موقعي تي محرم الحرام جيان سڪيورٽي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن پرامن طريقي سان چهلم شهداءِ ڪربلا بخوبي سان پڄاڻي تي پهچي. ڊپٽي ڪمشنر سکر ان موقعي تي ڊي ايڇ او سکر ۽ تعلقه هيلٿ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته جلوسن جي روٽس تي طبي ڪيمپون لڳايون وڃن جڏهن ته ايمبولينسز جي دوائن ۽ ڊاڪٽر توڙي طبي عملي جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن سيپڪو انتظاميه کي مجلسن جي وقت ۾ لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.

Read Previous

سکر: جبري طور مذهب مٽائڻ جي سلسلي ۾ اقليتن کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون آهن: چيئرمين سينيٽر انوار الحق

Read Next

ڀٽائي ڪالوني جو واسي نياز علي معذوري واري زندگي گزارڻ تي مجبور، امداد جي اپيل

Most Popular