ڀٽائي ڪالوني جو واسي نياز علي معذوري واري زندگي گزارڻ تي مجبور، امداد جي اپيل

دادو(ڊر) دادو شھر جي دڙو روڊ ڀٽائي ڪالوني جو رهواسي 20 سالا نوجوان نيازعلي ولد مرحوم  محمد حسين پنهور گذريل چئن سالن کان معذوري واري زندگي گذارڻ تي مجبور، صحافين جي ٽيم پھتي. جتي نوجوان نياز روئيندي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪمائيندو هئس اوچتو بدقسمتي سان هڪ 35 فٽ جي ٽانڪي ۾ ڪري پوڻ بعد گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آھيان گذريل چئن سالن کان بستري ڀيڙو آهيان جسم جو هيٺيون ڌڙ ڪم نٿو ڪري علاج خاطر  سڀ ڪجھ وڪرو ڪري علاج ڪرايو. مگر ڪٿان به فائدو نه ملي سگھيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته هڪڙي گهٽي ۾ پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي،سپاف سنڌ جو اڳواڻ منصور احمد شاھاڻي، پ پ ايم پي اي پير مجيب الحق رهن ٿا مگر افسوس جو  علاج ته ناهي ڪرايو پر مون ڏي هڪ گهڙي به لڙي پڇڻ ناهن آيا، آخر ۾ ھن سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين اختيارين کان  مطالبو ڪيو آھي ته خدارا انسانيت جي ناتي رحم کائي علاج ڪرائي زندگي بچائي وڃي.

Read Previous

سکر: تصور چهلم حضرت امام حسين عليه السلام جي موقعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن: ڊپٽي ڪمشنر سکر

Read Next

سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي گڏجاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ ٿي

Most Popular