سانگهڙ: وٽنري کاتي جي نااهلي سبب چوپايو مال بيمارين سبب مرڻ لڳو

سانگهڙ( رپورٽ عبدالجبار نظاماڻي) سانگهڙ ضلعي ۾  وٽنري کاتي جون اسپتالون بند،   ملازم  گهر ويٺي پگهارون کڻڻ لڳا،  برساتن کان پوءِ  چوپايو مال بيمارين سبب مرڻ لڳو،   تفصيلي رپورٽ موجب سانگهڙ ضلعي ۾ وٽنري کاتي جا ڪيترائي سينٽر بند ھئڻ سبب مالوند ماڻھو پنھنجي مال کي بچائڻ لاءِ ڳرن اگھن تي خانگي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ تي مجبور آهن.   سالانه بجٽ سوا ٽي ڪروڙ رپيا  جي بجيٽ رکندڙ کاتي جي لاغرضي سبب مارو ماڻهن جو ڪروڙين رپين جو مال مري چڪو آهي. جڏهن ته فنڊس جي حوالي سان انڪشاف ٿيو آهي ته اھي  ووچرن ۾ درج ٿي رھيا آھن. تازو وٽنري کاتي پاران  ڪمشنر شهيد بينظير آباد کي  8 هزار جانور مرڻ جي رپورٽ ڪئي آهي. جڏهن ته اھي پڻ اطلاع آهن ته    ڊي جي ويٽنري طرفان ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ڇنڊ  پڻ پٽي ويئي آهي. کائينس انھن 8000  ماڻھن جا شناختي ڪارڊ طلب ڪيا ويا آهن جن جا  جانور مئا آهن. اھڙي ھدايت کان پوءِ با خبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ويٽنري کاتي پاران خانه پوري ڪرڻ لاءِ  اين آئي سي گڏ ڪرڻ ۾ رڌل آهي. ان  سلسلي ۾ با خبر ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته ضلعي سانگهڙ جي ٽوٽل  23 لک چوپائي مال جنهن کي ويٽنري کاتي وارا 39 لک ڄاڻائين ٿا جن جي تحفظ جي لاءِ سنڌ گورنمينٽ سالانه سوا ٽي ڪروڙ بجٽ جاري ڪندي آهي. سانگهڙ  سانگهڙ ضلعي جي ڪچن پڪن جانورن جي لاءِ 52 اسپتالن توڙي  ويٽنري سينٽرن يا وٽنري هيلٿ ايڪسٽينشن ۾ ڪٿي به مالوندن کي بيمار جانورن جي دوا نه ٿي ملي هوڏانهن سروي رپورٽ ۾ اھو  پڻ معلوم ٿيو آهي ته ڪيترائي مال جا سينٽر بند آهن جن ۾ جهول، ٽنڊو آدم، 30 جمڙاو، ولي محمد ڪيريو، ٽنڊو مٺاخان، ۽ ٿر جا ٽي سينٽر شامل آهن،  انهن سينٽرن تي مقرر سرڪاري ملازم ضلعي جي آفيس ۾ مقرر جونئر ڪلارڪ  ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايسرداس سان ملي ڀڳت ڪري گهر ويٺي پگهارون کڻندا آهن.   سينٽر تي مالوند ماڻهن کي بيمار جانورن جي لاءِ دوا نه ملڻ تي مارو ماڻھو ڳرن اگھن تي دوائون خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. ٻئي پاسي چوپائي کاتي ضلع سانگهڙ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ايسر داس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ضلع ۾ 45 اسپتالون ۽ سينٽر آهن جنهن ۾ 36 فنڪشنل آهن ضلع ۾ 5441 جانور مري ويا آهن.  هن وڌيڪ چيو ته هاڻي شايد انگ 6 هزار ٿي ويو آهي سڀني سينٽرن تي دوا ملي پئي، پر مالوند ماڻھن پاران مسلسل دانھون ڪيون پيون وڃن ته چوپائي مال جو وقت سر علاج نه ٿيڻ ڪري جانور مري رهيا آهن.

Read Previous

سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي گڏجاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ ٿي

Read Next

خيرپور : ٻارڙن کي ڦڙا نه پيارڻ تي هيلٿ کاتي تي ڪاوڙ : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

Most Popular