سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي گڏجاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ ٿي

دادو (ڊ-ر) سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي گڏجاڻي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۾ ٿي گذري جنهن ۾ ضلعي جي سمورن ڪاليجن جي ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي سنڌ ڪاليجز نان ٽيچنگ ويلفيئر ايسوسيئيشن حيدرآباد ريجن جي صدر سلیم مھيري، ريجن جي جنرل سيڪريٽري عبدالجبار خاصخيلي ريجن جي سينئر نائب صدر طاھر بلوچ، ريجن جي نائب صدر غلام علي لنڊ، پريس سيڪريٽري اقبال احمد ٻٻر، دادو پھچي دادو ضلعي جي باڊي جو اعلان ڪيو، ضلعي جي باڊي ۾ صدر نادر علي ناريجو، سينئر نائب صدر سيد سجاد شاھ، نائب صدر 1 نور احمد لغاري، نائب صدر 2 غلام مصطفئ مگسي، جنرل سيڪريٽري فيصل احمد ميمڻ، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري بشارت حسين چارڻ، جوائنٽ سيڪريٽري معشوق علي زئونر، فنانس سيڪريٽري رشيد احمد چانڊيو، انفارميشن سيڪريٽري جاويد اختر ٻٻر، پريس سيڪريٽري غلام مصطفئ آلکاڻي، آفيس سيڪريٽري صابر حسین سومرو چونڊيا ويا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪاليج جي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿا ڪيا وڃن اسان پنهنجي حقن لاءِ جلد احتجاجي تحريڪ شروع ڪنداسين اسان جا جائز مطالبا ليب اسٽاف، ڊيٽا انپٽ آپريٽر ڪيٽالاگر کي اپگريڊ ڪيو وڃي ۽ 1 کان 4 جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي ۽ ٻيا جائز مطالبا جلد کان جلد منظور ڪيا وڃن، اسان جا مطالبا منظور ڪري اسان ڪاليج جي ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي

Read Previous

ڀٽائي ڪالوني جو واسي نياز علي معذوري واري زندگي گزارڻ تي مجبور، امداد جي اپيل

Read Next

سانگهڙ: وٽنري کاتي جي نااهلي سبب چوپايو مال بيمارين سبب مرڻ لڳو

Most Popular