خيرپور : ٻارڙن کي ڦڙا نه پيارڻ تي هيلٿ کاتي تي ڪاوڙ : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

خيرپور (ڊر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي چيو آهي ته گمبٽ تعلقي اندر چئن ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارڻ تي هيلٿ کاتي جي منسٽر پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پياريا ويا آهن فوري طور تي پوليو جي ٽيم اماڻي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن. جڏهن ته پوليو جي خاتمي لاءِ اڳواٽ پلاننگ ڪئي وڃي ته جيئن ڪو به ٻار پوليو جي ڦڙن پيارڻ کان رهجي نه وڃي. ان ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار ڊپٽي ڪمشنر خيرپور 26 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم کي ڪامياب ۽ اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ڊي سي خيرپور چيو ته 26 آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ مهم جي نگراني آءُ پاڻ ڪندس. مهم دوران ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙن ۽ ڪم نه ڪندڙن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته پوليو کان بچاءَ بابت مهم هلائي وڃي. ان سلسلي ۾ يو سي ايم اوز، ايريا انچارج، ٽي ايڇ اوز ۽ پوليو پارٽنرز پنهنجو فرض سٺي ريت نڀائين ته جئين اسان پنهنجي ٻارڙن جي مستقبل کي محفوظ بڻائي سگهون. ڊي سي خيرپور ليڊي هيلٿ ورڪرن جي تعريف ڪندي چيو ته پوليو مهم کي ڪامياب بڻائڻ ۾ انهن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي جيڪڏهن سمورا اسٽيڪ هولڊر گڏجي ڪارڪردگي ڏيکارين ته پوليو جو خاتمو ممڪن ٿي سگھي ٿو. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور احمد علي قريشي پوليس آفيسر کي هدايت ڪندي چيو ته فيلڊ دوران پوليو ورڪرن جي فول پروف سڪيورٽي جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ خاص طور تي ٻهراڙي جي حساس علائقن اندر اسپيشل سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ دوران پوليو ورڪر ماسڪ، سينيٽائيزرز، گلوز سميت سموري ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن، اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر محمد حسين ابڙو، پوليس ۽ رينجرز جا آفيسرز، ڊسٽرڪٽ مئنيجر پي پي ايڇ آءِ عارف عباسي، ڊبليو ايڇ او جا نمائندا سمورن ٽي ايڇ اوز سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.

Read Previous

سانگهڙ: وٽنري کاتي جي نااهلي سبب چوپايو مال بيمارين سبب مرڻ لڳو

Read Next

خيرپور: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي فنانس ونگ جي اجلاس

Most Popular