خيرپور: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي فنانس ونگ جي اجلاس

خيرپور (ڊر) شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو يونيورسٽي جي مختلف سيڪشنز جي سربراهن ۽ سندن آفيسرن جي اجلاسن جي صدارت ڪئي. پهريون اجلاس فنانس ونگ جي ڊائريڪٽر فنانس نثار احمد نوناري ۽ سندس آفيسرن سان منعقد ٿيو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر فنانس وائيس چانسلر کي يونيورسٽي جي مالي حالت، سنڌ حڪومت ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران وصول ٿيندڙ گرانٽس، مالي خساري ۽ واجبات بابت آگاهي ڏني. ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو ڊائريڪٽر فنانس کي هدايت ڪئي ته هو فنانشل مينجمنٽ کي بهتر بڻائي ۽ گڏوگڏ خرچن تي پڻ ڪنٽرول ڪري ۽ واجبات جي ادائيگي لاءِ جامع رٿا بندي سان گڏوگڏ سڀني ملازمن کي وقت سر پگھار، پينشن وغيره وقت سر جاري ڪئي وڃي. جڏهن ته وائيس چانسلر سيڪيورٽي سيڪشن جي اجلاس جي پڻ صدارت ڪئي. جنهن ۾ چيف سيڪيورٽي آفيسر طارق ڀٽي ۽ سيڪيورٽي سيڪشن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. طارق ڀٽي وائيس چانسلر کي يونيورسٽي اندر سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ آگاهي ڏني وئي. ٽيون اجلاس امتحاني ونگ سان منعقد ٿيو، جنهن ۾ ڪنٽرولر امتحانات غلام شبير ڦلپوٽو ۽ واسطيدار آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. غلام شبير ڦلپوٽو وائيس چانسلر کي امتحاني سرشتي بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته بي اي سال پهريون ۽ ايم اي پريويس جا آن لائن امتحاني فارم جمع ڪرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ڊاڪٽر خليل احمد ڪنٽرولر کي هدايت ڪئي ته امتحاني سرشتي ۾ وڌيڪ شفافيت جي عنصر کي برقرار رکيو وڃي، ان کان علاوه امتحان وقت سر ورتا وڃن ۽ نتيجا پڻ بغير ڪنهن دير جي پڌرا ڪيا وڃن. ايم اي فائنل جي زباني امتحانن ۽ بي ايس سي جا پريڪٽيڪل امتحانن جو شيڊول جلد پڌرو ڪيو وڃي، چوٿون اجلاس رجسٽرار آفيس جي آفيسرن سان منعقد ٿيو، جنهن ۾ رجسٽرار مريد حسين ابوپوٽو ۽ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. مريد حسين ابوپوٽو، وائيس چانسلر کي ڄاڻ ڏيندي چيو ته رجسٽرار آفيس يونيورسٽي ڪوڊ جي پاسداري تحت ڪم ڪري رهي آهي. تدريسي ۽ انتظامي حوالي سان ڪا به تاخير يا التوا نه آهي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو آفيسرن کي چيو ته اسان يونيورسٽي جي سڀني اسٽيڪ هولڊرن جي تعاون جا طلبگار آهيون ته جيئن يونيورسٽي جو ڪارونهوار ڪاميابي ۽ خوش اسلوبي سان هلائي سگھجي. هن سڀني آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هو وقت جي پابندي، ايمانداري جي جذبي تحت هن اداري جي بهتري ۽ ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.

Read Previous

خيرپور : ٻارڙن کي ڦڙا نه پيارڻ تي هيلٿ کاتي تي ڪاوڙ : ڊپٽي ڪمشنر خيرپور احمد علي قريشي

Read Next

اوستاگاھي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احٽجاج، پوليس کان انصاف جي اپيل

Most Popular