اوستاگاھي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احٽجاج، پوليس کان انصاف جي اپيل

خيرپور (ڊر) اوستاگاھي محلي جي رھواسي مسمات شاھل خاتون مري پنهنجي مائٽن محمد ھاشم، غلام حيدر، اعجاز علي مري ۽ ٻين سان گڏجي 10 ڏينهن اڳ قتل ٿي پنهنجي نوجوان پٽ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پريس ڪلب خيرپور ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي هن ٻڌايو ته 10 ڏينهن اڳ بااثرن جوابدارن مجيد لاشاري، دنڌڻ، نديم مري، گلڻ ۽ مسمات سياڻي گڏجي منهنجي نوجوان پٽ غلام فريد مري کي قتل ڪيو آھي، جنهن جو اطلاع اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏيڻ باوجود پوليس هڪ به جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آھي. ھن ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته غلام فريد مري جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

خيرپور: شاهه عبدالطيف يونيورسٽي فنانس ونگ جي اجلاس

Read Next

خيرپور ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس ملوٽ جوابدار کي سزا ٻڏائي ڇڏي

Most Popular