خيرپور ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس ملوٽ جوابدار کي سزا ٻڏائي ڇڏي

خيرپور (ڊر) خيرپور جي ماڊل ڪورٽ قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن ڀائرن کي عمر قيد ۽ هڪ، هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. خبر موجب خيرپور ۾ تڪڙا ڪيس اڪلائڻ لاءِ قائم ڪرمنل ماڊل ٽرائيل ڪورٽ جي اسپيشل جج گل ضمير سولنگي جي عدالت احمدپور ٿاڻي جي هڪ قتل ڪيس ۾ ملوث ٽن ڀائرن نثار احمد، خالد ۽ عبدالجبار ولد محمد نواز غوري مٿان ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کين عمر قيد ۽ هڪ، هڪ لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي کين پوليس جي سخت پهري هيٺ سينٽرل جيل خيرپور اماڻي ڇڏيو. ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ ڇهه، ڇهه مهينا قيد ڀوڳيندا. جوابدارن مٿان الزام هيو ته هنن 5 مارچ 2011 تي احمدپور ٿاڻي جي حد حاجنا شاهه ۾ ڳوٺ اندر ايندڙ ويندڙ رستي مان گذرڻ جي ڳالهه تان ناراض ٿي 30 ساله نوجوان غلام فريد ولد نور محمد غوري کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو هيو. ساڳي ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل راشد ۽ سندس ڀاءُ خادم حسين غوري کي عدالت بي ڏوهي قرار ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو.

Read Previous

اوستاگاھي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احٽجاج، پوليس کان انصاف جي اپيل

Read Next

خلق خدا جي خدمت عظيم عبدال آهي: سهارا ويلفيئر فائونڊيشن

Most Popular