خلق خدا جي خدمت عظيم عبدال آهي: سهارا ويلفيئر فائونڊيشن

راڻيپور (رپورٽر  )خلق خدا جي خدمت عظيم عبادت آهي راڻيپور ۾ روشن سهارا ويلفيئر فائونڊيشن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پاران هڪ تقريب ڊائريڪٽر محترمه بينظير ڀٽي جي قيادت ۾ ٿي گذري  رپورٽ موجب:راڻيپور جي ڳوٺ محمد موسئ راڄپر ۾ روشن سهارا ويلفيئر فائونڊيشن ۽ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر پاران هڪ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ ڊائريڪٽر محترمه بينظير ڀٽي ۽ فائونڊر محترمه روشن محبوب راڄپر انٽرنيشنل پريس ڪلب جي صحافين کي پنهنجي بريفنگ ۾ ٻڌايو ته هي سينٽر هڪ سال کان هلندڙ آهي جنهن ۾ سٺ کان وڌيڪ معذور غريب ۽ يتيم نياڻيون سلائي ,ڪڙائي جي سکيا حاصل ڪري رهيون آهن هي چار مهينن جو ڪورس آهي جنهن کي ٽئي مهينا ٿي چڪا آهن جنهن دوران هر ليڊي شاگردياڻي کي اڍائي هزار روپيه هر ماھانا معاوضو پڻ ڏنو ويندو آهي ته جيئن معذور ۽ يتيم نياڻين جي مالي سهائتا ٿي پئي ٽريننگ بعد مختلف ادارن ۾ کين روزگار به ڏياريو ويندو ته جيئن نياڻين جي گهرن جو چلهو ٻري سگهي هنن چيو ته هن سينٽر ۾ مختلف علائقن جون ڇوڪريون مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ آهن هي سينٽر نج عوامي خدمت تي مبني آهي جنهن لاء ميڊم روشن محبوب راڄپر جون ڪاوشون ساراھ جوڳيون آهن جيڪا علائقي ۾ بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي نياڻين جي خدمت ڪري پنهنجو نالو به روشن ڪيو آهي انهئ سان گڏ غريبن جون دعائون پڻ حاصل ڪري رهي آهي

Read Previous

خيرپور ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس ملوٽ جوابدار کي سزا ٻڏائي ڇڏي

Read Next

مٽياري: سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

Most Popular