مٽياري: سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

مٽياري . (رپورٽ .  )سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي نيت سان رات جي انڌيري ۾ صدارتي آرڊينينس جاري ڪرڻ خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي مٽياري پاران مرڪزي اڳواڻ ڄام شوڪت ابڙو ضلعي اڳواڻن رسول بخش سولنگي ، عبدالحڪيم نوحپوٽو ، موسا لڙڪو ، لياقت سهتو ، مصري لڙڪو جي اڳواڻي ۾  مٽياري ۾  ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاهري ۾ وڏي تعداد ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن شريڪ هئا ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته ايس ٽي پي پاران اڄ ۽ سڀاڻي پوري سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا پيا وڃن ايس ٽي پي سنڌ جي نمائنده جماعت آهي جيڪا سنڌ جي هر مسئلي تي ميدان عمل ۾ هوندي آهي هن وقت به وفاق پاران جيڪو سنڌ جي ٻيٽن جي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ان کي ڪنهن به صورت ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين ٻيٽ سنڌ جي ملڪيت آهن ڪو آصف زرداري . بلاول يا مراد علي شاھ جي ملڪيت ناهن جو اهي وفاق  حوالي پيا ڪن ايس ٽي پي اڳواڻ جو چوڻ هو ته جهڙي طرح ٻٽو نظام ختم ڪرائڻ لاء سنڌ جو ٻچو ٻچو ميدان ۾ نڪتو هو ائين ئي هن وقت به هر سنڌي ٻيٽن جي مالڪي لاء ميدان تي اچي ويا آهن ۽ وفاق کي ٻيٽن تان قبضا ختم ڪرڻا پوندا

Read Previous

خلق خدا جي خدمت عظيم عبدال آهي: سهارا ويلفيئر فائونڊيشن

Read Next

دادو سنڌ هاڪي ايسو سي ايشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن اڄ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي

Most Popular