دادو سنڌ هاڪي ايسو سي ايشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن اڄ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي

دادو( رپورٽ محمد علي شيخ ) دادو سنڌ هاڪي ايسو سي ايشن پاران سنڌ انڊر 25 انٽر ڊسٽرڪٽ ھاڪي چيمپيئن 2020 دادو ۾ اڄ ٽئين ڏينهن به هاڪي جي راند جاري رهي،استاد  بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج انٽرنيشنل ھاڪي گرائونڊ  دادو تي ٽنهي مرحلن ۾ 4 ضلهن جون ٽيمون کيڏيون پهرئين ڏينهن نوشھرو ۽ دادو جو مقابلو ڪرايو ويو جنهن ۾ دادو 4 گول تان ڪاميابي ماڻي ٻئين ڏينهن نواب شاه ۽ لاڙڪاڻه وچ ۾ هاڪي جو مقابلو ٿيو جنهن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻه ڪاميابي ماڻي جنهن بعد اڄ ٽئين ڏينهن ٻئي کٽيل ٽيمون لاڙڪاڻه ۽ دادو جي وچ ۾ مقابلو ٿي گذريو جنهن ۾ 3 گول تان لاڙڪاڻه ڪاميابي حاصل ڪري ورتي ان موقعي تي فائنل مئچ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊگري ڪاليج جي پرنسپال غلام سرور عباسي ۽ پروفيسر عرفان ڪلھوڙو ٻڌايو تہ استاد بخاري گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو” صحت مند پاڪستان” جي عنوان ھيٺ پاڪستان جي قومي راند ھاڪي جي پذيرائي لاءِ سنڌ سطح تي مختلف ڊسٽرڪٽس جي وچم ۾ ھاڪي جي رٿيل ٽورنامينٽ ۾ ميزباني جا فرض ادا ڪيا، ھن ٽورنامينٽ جي ميزباني ڪرڻ جو مقصد دادو ضلعي اندر قومي راند کي فروغ ڏيڻ نوان رانديگر پيدا ڪرڻ ۽ ست مهيني جي ڊگھي لاڪ ڊائون کان پوءِ شاگردن کي ميدان ۾ لاھڻ انھن کي چست ڪرڻ ۽ دادو جي عوام لاءِ تفريح مھيا ڪرڻ ھئي،    هاڪي ايسي سوئيشن جي اڳواڻن محمد رمضان جمالي،عبدالرسول جانوري، حسن رشيد آرائين، زاهد گاڏهي ،زوهيب جانوري،۽ ٻين چيو ته ھاڪي جي راند سان فيصلي ڪرڻ جي قوت ۽ بروقت ڪاروائي ڪرڻ سان نوجانن ۾ اعتماد پيدا ٿئي ٿو،  اسان کي اميد آ تہ سنڌ حڪومت ھاڪي کيڏندڙن رانديگرن جي پذيرائي ڪندي ۽ انهن کي وڌيڪ راندين جا موقعا فرهام ڪندي، آخر ۾ فائنل کٽيندڙ ۽ ھارائندڙ ٽيمن کي ٽرافيز ۽ رانديگرن کي انفرادي انعامات ڏنا ويا، جڏهن تہ  گرائونڊ جي بھتر خدمت ڪرڻ ۽ رانديگرن کي بھتر سهولتون ڏيڻ تي عبدالحميد سولنگي ۽ منظور چانڊيو کي اعزازي ميڊل ڏنو ويو،ٽورنامينٽ ۾ بهتر سهڪار ڪرڻ تي پروفيسر پرنسپال غلام سرور عباسي کي مڃتا طور پڳ ٻڌرائي وئي،

Read Previous

مٽياري: سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

Read Next

سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن تي وفاق پاران قبضو ڪرڻ واري عمل خلاف احتجاج

Most Popular