علي زيدي سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو

ڪراچي سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير علي زيدي سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽن جي وفاق کي حوالگي جو خط سوشل ميڊيا تي جاري ڪري ڇڏيو.علي زيدي ٽوئيٽر تي سنڌ لينڊ يوٽيلائيزيشن ڊپارٽمينٽ جو خط ۽ ڀنڊار ۽ بڊو ٻيٽ جو نقشو پوسٽ ڪندي لکيو ته ٻلي ٿيلهي کان ٻاهر اچي وئي آهي. سندس موجب ٻيٽن جي حوالي سان ڪو غير قانوني قدم نه کنيو ويو، سڀ ڏسي سگهن ٿا ته پ پ قيادت ڪيتري منافق آهي، سنڌ حڪومت ڀنڊار ٻيٽ بابت خط جولاءِ 2020 ۾ جاري ڪيو هو، اها ڳالهه رڪارڊ تي رهي ته ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي انتظام هيٺ اچن ٿا.

Read Previous

مدينا واسي ڪلهوڙا برادري پاران پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج

Read Next

ڪشا رام راجپال تعليم جو ھڪ ادارو ۽ ادب اخلاق ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايا ڪردار

Most Popular