مدينا واسي ڪلهوڙا برادري پاران پوليس جي ظلمن خلاف احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر   )نوشهروفيروز ۾ قاضي احمد جي درگاهه حق مدينا واسي ڪلهوڙا برادري جي ماڻهن پاران بااثر ۽ پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين جي اڳواڻي عمران ڪلهوڙو , بلاول , عابد ڪلهوڙو ڪري رهيا هيا جن نعري بازي پڻ ڪئي ان موقعي تي ڳوٺاڻن چيو ته اسان جو چاچو شاهجهان ڪلهوڙو ڏاڏاڻي ملڪيت تي قبضو ڪرڻ لاء اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي جنهن جي ظلم کان تنگ ٿي ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون هنن چيو ته چاچي اسان جي گهٽين تي قبضو ڪري اتان اسان جو لنگهه بند ڪيو آهي مسجد به ان جو قبضو هاڻي هو گهر مان لڏائڻ چاهي ٿو جيڪو ٿيل فيصلي تان به ڦري ويو آهي جيڪو جاني دشمن بڻجي ويو آهي ۽ قاضي احمد پوليس سندس ونگارو بڻيل آهي جنهن اسان کي روپوشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي هنن مطالبو ڪيو ته چاچو ڪوڙا الزام هڻي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي رهيو آهي ان سموري معامري جي جاچ ڪري اعلا عملدار اسان تي داخل ڪيس ختم انصاف ڪن

Read Previous

مورو درگاهه محمد علي تي زمين تي قبضي خلاف 145 ڏينهن به احتجاج

Read Next

علي زيدي سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو

Most Popular