ڪشا رام راجپال تعليم جو ھڪ ادارو ۽ ادب اخلاق ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايا ڪردار

شڪارپور جي علمي ۽ تعليمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جئين ھتان جي استادن ڄاتو. تئين ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي ھر دور ۽ ڏينھن روشن ۽ درخشان ھر نسل ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ اھو سڀ ڪجھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو.

انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال ب ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.

سندس جو جنم ڀگت امر شھيد ڪنور رام صاحب جن جي آسيس سان مورو مل ڀاگو مل جي گھر سندس چوٿين گھر واري مان 5 نومبر 1923ع تي ميان جي ڳوٺ ڀرسان چنا ڳوٺ تعلقو ٺل ضعلو جيڪب آباد ۾ ٿيو.

سندس شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ پوي سلطان ڪوٽ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي.

ميٽرڪ جي تعليم ھوپ فل اڪيڊمي مان حاصل ڪئي.

ھن شڪارپور جي مشھور چيلا سنگھ سيتل داس ڪاليج مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لا۽ سندن سنڌ يونيورسٹي ۽ بمبئي يونيورسٹي مان پڻ تعليم حاصل ڪئي.

تعليم حاصل ڪرڻ کان پوي ھن ڪجھ وقت دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا ۾ ڪلارڪ جي ملازمت پڻ ڪئي

1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوي ھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد ۾ ڪلارڪ بڻيو.
ٿوري عرصي بعد سندن 1949ع ۾ تعليم کاتي ۾  اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري تي نيو ايرا اسڪول ۽ ھاڻوڪو قاضي حبيب الله ھا۽ اسڪول ۾ علم رياضي جي استاد طور فرائز سر انجام ڏيڻ شروع ڪيا.

سندن شاگردن مان ڄاڻ ملي ٿي  سائين ڪشا رام تمام سادڳي واري زندگي گزاريندا ھو ۽ ٻارن کي پڙھائڻ ۽ علم ڏيڻ کي پنھنجي عبادت سمجھندو ھو.

سندس جي شادي 1944ع ۾ ٿي ۽ پوي سڪپل جي ڀرسان خانچند حاويلي ۾ سندس جا۽ ڪرائي تي ورتي جنھن ۾ رھائش اختيار ڪئي.

سندن گھر واري مان اولاد

9 پٽ ۽ 2 ڌيئر شامل آھن.

1 ريوا چند راجپال

2 نانڪ رام راجپال

3 اوم پرڪاش راجپال

4 کئيل داس راجپال

5 انيل ڪمار راجپال

6 چني لعل راجپال

7 اجيت ڪمار راجپال

8 خوب چند راجپال

9 ڀھيم سين راجپال.

۽ نياڻيو

1 شڪنتلان ٻائي

2 راڻي ٻائي

۽ سندن پاڙي جي ٻارن ۽ ڀر پاسي جي نوجوانن کي ٽيوشن ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي جنھن مان ھزارين شاگرد اڄ ب ملڪ ھنڌ سنڌ ۽ دنيان جي ٻين ملڪن ۾ نمايا پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن.

ھنن سڪپل جي ڀرسان ھڪ سنگھ سڀا ب قائم ڪئي جنھن ھنڌو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لا۽ گرمکي ۽ ھنڌي تعليم لا۽ پاٺھ شالا پڻ قائم ڪئي جنھن مان ب سندن سوين شاگرد پيا ڪيا.

ھنن پنھنجا ڪتاب ب لکيا

جن مان

(ڪريم آف ڪيمسٽري)

(ڪريم آف فزڪس )

(شور سڪسيس ان الجبرا)

(شور سڪسيس ان جاميٽري)

(ارٿ ميٽيڪ made ايزي)

۽ ٻيا ڪتاب پڻ لکيا جن مان ھزارين نوجوانن تعليم پرائي.

۽ سندن اھڙو ناميار انسان

ھڪ بھترين شخصيت اسان کان 7 آڪٽومبر

1982ع تي اسان کان وڇڙي ويو.

۽ ھو پنھنجي آخري ساھ جي گھڙين تائين ھا۽ اسڪول نمبر 2 شڪارپور ۾ ھيڊ ماستر جي ڊيوٽي جا فرائز سر انجام ڏيندي ھن سنسار من پرلوڪ پدھاريا.

سندن جي انتم سنسڪار ۽ آخري رسمن ۾ سائين ڀڄن لعل صاحب پوج رھڙڪي صاحب ۽ سماڌا آشرم جا گاڌي نشين سائين سوامي شو ڀڄن صاحب جيڪي پڻ شاگرد ھئا ۽ ھزارين شاگرد ۽ دوست شريڪ ٿيا.

۽ ھو پنھنجي شاگردن جي دلين ۾ سدا حيات آھن ۽ پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن جي زريعي اسان ۾ سدا حيات ۽ امر آھن.

*****************

Read Previous

علي زيدي سنڌ حڪومت طرفان ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ جو خط جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

پي ڊي ايم ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

Most Popular