شڪارپور جي علمي ۽ تعليمي ماحول جي اھميت ۽ افاديت کي جئين ھتان جي استادن ڄاتو. تئين ساڻن ڪير ٿو ھمسري ڪري سگھي ھر دور ۽ ڏينھن روشن ۽ درخشان ھر نسل ڏاھپ ۽ ڏات ۾ سرواڻ اھو سڀ ڪجھ مھان ۽ ترقي يافته تعليمي ادارن سبب ممڪن پئي ٿيو.
انھن استادن ۾ شڪارپور جو استاد سائين ڪشا رام راجپال ب ھڪڙو مثال بڻجي نروار ٿيو.
سندس جو جنم ڀگت امر شھيد ڪنور رام صاحب جن جي آسيس سان مورو مل ڀاگو مل جي گھر سندس چوٿين گھر واري مان 5 نومبر 1923ع تي ميان جي ڳوٺ ڀرسان چنا ڳوٺ تعلقو ٺل ضعلو جيڪب آباد ۾ ٿيو.
سندس شروعاتي تعليم ڳوٺ جي اسڪول مان حاصل ڪئي ۽ پوي سلطان ڪوٽ جي اسڪول ۾ داخلا ورتي.
ميٽرڪ جي تعليم ھوپ فل اڪيڊمي مان حاصل ڪئي.
ھن شڪارپور جي مشھور چيلا سنگھ سيتل داس ڪاليج مان انٽر جي تعليم حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم پرائڻ لا۽ سندن سنڌ يونيورسٹي ۽ بمبئي يونيورسٹي مان پڻ تعليم حاصل ڪئي.
تعليم حاصل ڪرڻ کان پوي ھن ڪجھ وقت دي سينٽرل بينڪ آف انڊيا ۾ ڪلارڪ جي ملازمت پڻ ڪئي
1947ع ۾ پاڪستان ٺھڻ کان پوي ھن ڊپٽي ڪمشنر آفيس جيڪب آباد ۾ ڪلارڪ بڻيو.
ٿوري عرصي بعد سندن 1949ع ۾ تعليم کاتي ۾ اسسٽنٽ ٽيچر جي نوڪري تي نيو ايرا اسڪول ۽ ھاڻوڪو قاضي حبيب الله ھا۽ اسڪول ۾ علم رياضي جي استاد طور فرائز سر انجام ڏيڻ شروع ڪيا.
سندن شاگردن مان ڄاڻ ملي ٿي سائين ڪشا رام تمام سادڳي واري زندگي گزاريندا ھو ۽ ٻارن کي پڙھائڻ ۽ علم ڏيڻ کي پنھنجي عبادت سمجھندو ھو.
سندس جي شادي 1944ع ۾ ٿي ۽ پوي سڪپل جي ڀرسان خانچند حاويلي ۾ سندس جا۽ ڪرائي تي ورتي جنھن ۾ رھائش اختيار ڪئي.
سندن گھر واري مان اولاد
9 پٽ ۽ 2 ڌيئر شامل آھن.
1 ريوا چند راجپال
2 نانڪ رام راجپال
3 اوم پرڪاش راجپال
4 کئيل داس راجپال
5 انيل ڪمار راجپال
6 چني لعل راجپال
7 اجيت ڪمار راجپال
8 خوب چند راجپال
9 ڀھيم سين راجپال.
۽ نياڻيو
1 شڪنتلان ٻائي
2 راڻي ٻائي
۽ سندن پاڙي جي ٻارن ۽ ڀر پاسي جي نوجوانن کي ٽيوشن ۽ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي جنھن مان ھزارين شاگرد اڄ ب ملڪ ھنڌ سنڌ ۽ دنيان جي ٻين ملڪن ۾ نمايا پوسٽن تي خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن.
ھنن سڪپل جي ڀرسان ھڪ سنگھ سڀا ب قائم ڪئي جنھن ھنڌو ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لا۽ گرمکي ۽ ھنڌي تعليم لا۽ پاٺھ شالا پڻ قائم ڪئي جنھن مان ب سندن سوين شاگرد پيا ڪيا.
ھنن پنھنجا ڪتاب ب لکيا
جن مان
(ڪريم آف ڪيمسٽري)
(ڪريم آف فزڪس )
(شور سڪسيس ان الجبرا)
(شور سڪسيس ان جاميٽري)
(ارٿ ميٽيڪ made ايزي)
۽ ٻيا ڪتاب پڻ لکيا جن مان ھزارين نوجوانن تعليم پرائي.
۽ سندن اھڙو ناميار انسان
ھڪ بھترين شخصيت اسان کان 7 آڪٽومبر
1982ع تي اسان کان وڇڙي ويو.
۽ ھو پنھنجي آخري ساھ جي گھڙين تائين ھا۽ اسڪول نمبر 2 شڪارپور ۾ ھيڊ ماستر جي ڊيوٽي جا فرائز سر انجام ڏيندي ھن سنسار من پرلوڪ پدھاريا.
سندن جي انتم سنسڪار ۽ آخري رسمن ۾ سائين ڀڄن لعل صاحب پوج رھڙڪي صاحب ۽ سماڌا آشرم جا گاڌي نشين سائين سوامي شو ڀڄن صاحب جيڪي پڻ شاگرد ھئا ۽ ھزارين شاگرد ۽ دوست شريڪ ٿيا.
۽ ھو پنھنجي شاگردن جي دلين ۾ سدا حيات آھن ۽ پنھنجي تحريرن ۽ ڪتابن جي زريعي اسان ۾ سدا حيات ۽ امر آھن.
*****************