پي ڊي ايم ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

KARACHI, PAKISTAN, OCT 06: Peoples Party (PPP) Chairman, Bilawal Bhutto Zardari chairs a meeting with Senior Leaders of PPP held at Bilawal House in Karachi on Tuesday, October 06, 2020. (PPI Images).

ڪراچي : پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ عوام دشمن ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي. پ پ چيئرمين جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ڪراچي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيد مراد علي شاهه، نثار کهڙي، ناصر شاهه، سعيد غني، اويس شاهه، مرتضيٰ وهاب شرڪت ڪئي، جڏهن ته راجا پرويز اشرف ويڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ پي ڊي ايم جي جلسن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم تحت سڄي ملڪ ۾ احتجاجي تحريڪ جي حوالي سان جلسن ۽ ريلين جو جائزو ورتو، جڏهن ته پ پ چيئرمين جي سربراهي ۾ پي ڊي ايم تحت 18 آڪٽوبر تي ٿيندڙ پروگرام جي تيارين جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويو. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جي اي پي سي سان ملڪ ۾ هڪ نئين عوامي مزاحمتي تحريڪ جي شروعات ٿي رهي آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم پاڪستان ۾ عمران خان جي ظلم جي راڄ جو خاتمو ڪندي، اها تحريڪ عوام دشمن ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي.

Read Previous

ڪشا رام راجپال تعليم جو ھڪ ادارو ۽ ادب اخلاق ۽ سماجي خدمت جو ھڪ نمايا ڪردار

Read Next

احتساب عدالت مخدوم امين فهيم جي پٽ جليل الزمان کي پلي بارگين ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو

Most Popular