احتساب عدالت مخدوم امين فهيم جي پٽ جليل الزمان کي پلي بارگين ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو

حيدرآباد: احتساب عدالت پيپلز پارٽي جي مرحوم اڳواڻ مخدوم امين فهيم جي پٽ مخدوم جليل الزمان جي پلي بارگين جي درخواست منظور ڪري ورتي.  عدالت مخدوم جليل الزمان کي ڏيڍ ڪروڙ روپين جي ڪرپشن واري پلي بارگين جي درخواست منظور ڪندي کيس آزاد ڪري ڇڏيو. مخدوم جليل الزمان نيب کي ڏيڍ ڪروڙ روپين جو پي آرڊر جمع ڪرايو. اڳوڻو تعلقه ناظم  مخدوم جليل الزمان هاڻ 10 سالن تائين اليڪشن وڙهڻ ۽ پبلڪ آفيس ۾ عهدو رکڻ جي لاءِ نااهل ٿي ويو آهي.  واضح رهي ته نيب مخدوم جليل الزمان  کي ڏيڍ ڪروڙ روپين جي ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو جنهن تي هن پلي بارگين جي درخواست ڪئي هئي. هالا جي اڳوڻي ناظم مخدوم جليل الزمان تي ڪرپشن ۾ ملوث هڪ اڳوڻي اڪائونٽ آفيسر کان پئسا وٺڻ جو الزام آهي.

Read Previous

پي ڊي ايم ڪٺ پتلي سرڪار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري

Read Next

ن ليگي اڳواڻ بغاوت واري ڪيس ۾ گرفتاري ڏيڻ ٿاڻي پهچي ويا، پوليس پاران گرفتاري کان انڪار

Most Popular