ن ليگي اڳواڻ بغاوت واري ڪيس ۾ گرفتاري ڏيڻ ٿاڻي پهچي ويا، پوليس پاران گرفتاري کان انڪار

لاهور: مسلم ليگ(ن) جو اڳواڻ بغاوت واري ڪيس ۾ گرفتاري ڏيڻ شاهدره ٿاڻي لاهور پهچي ويو. پر پوليس کيس گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.  رپورٽ موجب مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سنڌ جي گورنر محمد زبير، مسلم ليگ(ن) جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطاءُالله تارڙ، ايم اين اي ملڪ رياض چڙ ڏياريندڙ تقرير ۽ بغاوت واري ڪيس ۾ گرفتاري ڏيڻ شاهدره ٿاڻي پهچي ويا. ٿاڻي جي ٻاهران ليگي ڪارڪنن سخت نعريبازي ڪئي. ليگي اڳواڻن ايس ايڇ او شاهدره سان ملاقات ڪئي ۽ چيو اسان پاڻ  هتي آيا آهيون جيڪڏهن گرفتار ڪرڻو آهي ته اسان حاضر آهيون. هن ڪيس جي  ڪوبه ذميواري وٺڻ لاءِ تيار نه آهي جنهن ڪيس داخل ڪرايو اهو تحريڪ انصاف جو ڪارڪن آهي.  محمد زبير چيو ته هڪ پرائيويٽ شخص جي چوڻ تي 3 اڳوڻن جرنلن، ٻن اڳوڻن وزيراعظمن مٿان بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو اهو انهن جي حب الوطني تي حملو آهي. هي ڪيس حڪومت جي آشيرواد کان سواءِ داخل نٿو ٿي سگهي. عمران خان جي حڪم تي ليگي اڳواڻن مٿان ڪيس داخل ٿيو. پر ڪوبه ذميواري کڻڻ لاءِ تيار نه آهي. مدعي گهر مان ئي غائب آهي. ڪيس جا تفصيل وٺڻ  ۽ گرفتاري جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو. گرفتار ڪرڻو آهي ته حاضر آهيون. 40 هزار پرچا به ڪٽيو اسان پوءِ به ٻاهر اينداسين. ان حوالي سان ايس ايڇ او زاهد رندهاوا چيو آهي ته ڪيس داخل ٿي ويو، ان جو مون سان تعلق نه آهي. اسان وٽ درخواست آهي، اسان ڪيس داخل ڪيو. پوليس ميرٽ تي جاچ ڪندي. مون کي هتي مقرر ٿئي ٻه ڏينهن ٿيا آهن. مون کان اڳ ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. اسان اعليٰ اختيارين کي چونداسين ته هن ڪيس تي بورڊ ٺاهيو وڃي. اسان ليگي اڳواڻن کي في الحال گرفتار ناهيون ڪري رهيا. پراسيڪيوشن ٽيم هن ڪيس جو قانوني جائزو وٺندي هن ڪيس ۾ قانوني گهرجون پوريون ڪيون وينديون.

Read Previous

احتساب عدالت مخدوم امين فهيم جي پٽ جليل الزمان کي پلي بارگين ذريعي آزاد ڪري ڇڏيو

Read Next

بابر اعظم جي بيٽنگ ۾ سڌارو آڻڻ جي لاءِ محمد يوسف به سرگرم ٿي ويو

Most Popular