بابر اعظم جي بيٽنگ ۾ سڌارو آڻڻ جي لاءِ محمد يوسف به سرگرم ٿي ويو

لاهور::  بابر اعظم جي بيٽنگ ۾ سڌارو آڻڻ جي لاءِ محمد يوسف به سرگرم ٿي ويو آهي.   رپورٽ موجب انگلينڊ جي دوري کان پوءِ  واپس ملڪ موٽندڙ نوجوان رانديگر ملتان  ۾ جاري ڊوميسٽڪ ٽورنامينٽ جي پهرين مرحلي ۾ شرڪت نه ڪئي هئي. ان جي ٽيم سينٽرل پنجاب وقتي ڪپتان سعد نسيم جي اڳواڻي ۾ لاڳيتو ناڪامين جو شڪار ٿي رهي آهي.  بابر اعظم راولپنڊي ۾ شروع ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ جي رونقن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي في الحال لاهور ۾ هاءِ پرفارمنس سينٽر ۾ بيٽنگ ڪوچ محمد يوسف کي پنهنجي بيٽنگ ۾ وڌيڪ سڌارو آڻڻ جي لاءِ رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ انگلينڊ جي دوري ۾ يونس خان به بابر اعظم کي قيمتي مشورا ڏيندو رهيو آهي. هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق ۽ ان جو معاون شاهد اسلم به موجود آهي. ڏٺو وڃي ته بابر اعظم جي رهنمائي ڪندڙن جي ڪابه کوٽ نه آهي پر ان باوجود به هو بيٽنگ ۾  بهتر سڌارو نه آڻي سگهيو آهي.

Read Previous

ن ليگي اڳواڻ بغاوت واري ڪيس ۾ گرفتاري ڏيڻ ٿاڻي پهچي ويا، پوليس پاران گرفتاري کان انڪار

Read Next

عوام جي عزم ۽ حوصلي آڏو آمريڪي پابنديون وڌيڪ قائم نٿيون رهي سگهن: حسن روحاني

Most Popular