عوام جي عزم ۽ حوصلي آڏو آمريڪي پابنديون وڌيڪ قائم نٿيون رهي سگهن: حسن روحاني

تهران:: ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته آمريڪا طرفان لاڳو ڪيل اقتصادي پابندين سبب ڪورونا وبا ۾ عوام کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ملڪ جي معيشت کي نقصان پهتو آهي پر طاغوتي سامراج جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ جي فيصلي تي قائم آهيان.  عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب ايران جي صدر حسن روحاني چيو آهي ته ملڪ  ۾ ڪورونا وبا دوران آمريڪي اقتصادي پابندين جا خطرناڪ اثر  سامهون اچي رهيا آهن. معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ عوام کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر هاڻ ان سڀني مسئلن جي باوجود طاغوني طاقتن جي آڏو ڪنڌ نه جهڪائڻ واري فيصلي تي قائم آهيون.  وڊيو ڪانفرنس جي ذريعي ڪيترن جي منصوبن جي گڏيل افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي  ايراني صدر حسن روحاني وڌيڪ چيو ته ايراني شهرين ۽ ڳوٺاڻن همت ۽ استقامت سان دشمن جي چال کي ناڪام بنايو. دشمن جو مقصد اسان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪرڻ هو. هي اقتصادي پابنديون عوام جي عزم ۽ جذبن جي اڳيان وڌيڪ دير تائين نٿيون بيهي سگهن. واضح رهي ته آمريڪا عالمي جوهري معاهدي ۾ واڌ کان انڪار ڪندي عالمي معاهدي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو ان کان پوءِ ايران تي ڪيتريون ئي اقتصادي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون هيون جيڪي ڪورونا وبا دوران به جاري رهيون جنهن سبب ايران کي کاڌي پيتي ۽ دوائن جي فراهمي ۾ پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو.

Read Previous

بابر اعظم جي بيٽنگ ۾ سڌارو آڻڻ جي لاءِ محمد يوسف به سرگرم ٿي ويو

Read Next

آمنه الياس پاران رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ۾ شامل اداڪارائن مٿان ڪاوڙ جو اظهار

Most Popular