آمنه الياس پاران رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ۾ شامل اداڪارائن مٿان ڪاوڙ جو اظهار

ڪراچي:: فلم ۽ ڊرامن جي اداڪاره آمنه الياس رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري وارين اداڪارائن تي ڪاوڙجي پئي.  اداڪاره پنهنجي ٽوئٽ ۾ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي  چيو ته انڊسٽري سان لاڳاپيل منهنجون ڪجهه دوست فنڪارائون پئسن جي خاطر ڊگهي عرصي کان رنگ اڇو ڪندڙ ڪريمن جي مشهوري ڪري رهيون آهن. هن چيو ته عوامي شخصيت هجڻ جي حوالي سان منهنجو اهو ڪم آهي ته اسان ٻين کي ان جي خوبصورتي جو احساس ڏياريون.  ائين چئي کين شرمنده نه ڪريون ته هو خوبصورت نه آهي. ان سان گڏ ئي هن اهو به چيو ته اهڙي طرح جي فڪر کي پروان چاڙهيندڙن کي شرم اچڻ گهرجي. ٽوئٽ جي آخر ۾ آمنه الياس(اينڊ ڪلرازم) يعني رنگ جي فرق جي خاتمي جو بيش ٽيگ به استعمال ڪيو.  واضح رهي ته آمنه الياس اڳ به رنگ جي حوالي سان چئي چڪي آهي ته گهري رنگ واريون ڇوڪريون جيڪي منهنجو هي پيغام پڙهي رهيون آهن ان لاءِ  اسان اوهان جي جلد جي رنگت کي خاص حسن جو درجو ڏيڻ چاهيون ٿا.

Read Previous

عوام جي عزم ۽ حوصلي آڏو آمريڪي پابنديون وڌيڪ قائم نٿيون رهي سگهن: حسن روحاني

Read Next

مهوش حيات جي نئين ڪمرشل تي سوشل ميڊيا صارفين پاران ڪاوڙ جو اظهار

Most Popular